نوشهروفيروز(مشتاق حسين مري) سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل نوشهروفيروز جي سڏ تي هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي حوالي سان پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان ثقافتي ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ صوفي راڳين اعجاز خاصخيلي, ثريا سنڌي، مرڪ محبوب ۽ ٻين صوفياڻا ڪلام ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

ثقافتي محفل ۾ سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جو مرڪزي نائب صدر قاضي ذوالفقار، شهيد بينظيرآباد ڊويزن جو آرگنائيزر خالد فراز مشوري، ضلعي صدر ايم ظفر تڳر، جنرل سيڪريٽري اختر علي چانڊيو کان علاوهه پ پ پ جي ضلعي صدر فيروز جمالي، خان اعواڻ، غضنفر راڄپر سميت وڏي انگ ۾ شهرين، صحافين شرڪت ڪئي شهرين قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو.

صوفياڻي محفل واري تقريب کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر فيروز خان جمالي ۽ ٻين چيو ته سنڌي ميڊيا پاران ثقافتي ڏهاڙي ملهائڻ جو اعلان ڪري اسان کي قومي عيد ملهاڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي پاران ثقافتي ڏهاڙي کي قومي عيد جيان ملهايو ويندو ۽ ضلعي جي هر شهر ۾ ريليون ڪڍيون وينديون.










