ثقافتي حوالي سان مچ ڪچهري، صوفياڻي راڳ تي جُهمريون

ثقافتي حوالي سان مچ ڪچهري، صوفياڻي راڳ تي جُهمريون

خانواهڻ (عاجز امتياز) سنڌي ميڊيا پاران هڪ سنڌ هڪ ثقافت جي عنوان هيٺ اعلانيل  ثقافت ڏهاڙي جي حوالي سان شهري اتحاد خانواهڻ ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران راجا هائوس تي مچ ڪچهري منقد ڪئي ويئي جنهن ۾ سگهڙن ۽ شاعرن ڏور ، بيت ۽ ڳجهارتون ڏئي ڏات جا واهڙ وهائي ڇڏيا. ان موقعي تي محمد يونس سيال، عاجز امتياز نوح پوٽو، ڪامران سهتو، طارق ڪلهوڙو، توفيق الرحمٰن ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌي ميڊيا سنڌي ثقافت کي هڪ نئون جيئندان ڏنو آهي سنڌ جو نئون نسل جيڪو پنهنجي ثقافت کان پرڀرو ٿي ويو هو اهو هاڻي پنهنجي قومي لباس کي اپنائي خوشي محسوس ڪري ٿو اهو هڪ ثقافتي انقلاب آهي.

محفل موسيقي ۾ صوفي راڳين  راجهن فقير، غفور سحر، قومي گيت ۽ وايون ٻڌايون جنهن تي اتي موجود ماڻهون جهومڻ لڳا ۽ رقص ڪيو مچ ڪچهري ۾ شهري اتحاد جو صدر منظور عباسي، عبد الحفيظ سهتو، حاڪم ڪونڌر، مظھر ڪلھوڙو، الله بخش ڪونڌر، سيد شوڪت شاه، وقار ڪونڌر، نديم انڙ، پرويز ڀنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ چيو ته پهرين ڊسمبر تي ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور نموني سان ملهائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو