جاسوسي جو خطرو، آمريڪي فوجين تي ٽڪ ٽاڪ جي استعمال تي پابندي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا جاسوسي جي خطرن کي پيش نظر رکندي فوجين کي چين جي معروف لپ سنگ اپيليڪيشن ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. آمريڪي خابرو اداري مطابق سينيٽر چڪ شومر طرفان آمريڪي فوج جي سيڪريٽري ريان مڪ ڪارٿي کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾ چيني معروف لپ سنڪ ايپليڪيشن ٽڪ ٽاڪ تي سيڪيورٽي خدشن جو اظهار ڪيو ويو هو. خط ۾ چيو ويو هو ته قومي سلامتي جي ماهرن ٽڪ ٽاڪ استعمال ڪندڙ صارفين کي حساس نوعيت جي ذاتي معلومات، آءِ پي ايڊريس ۽ جڳهه جي معلومات ڪرڻ متعلق شڪ ۽ شبهن جو اظهار ڪيو. خط ۾ هن تشويش جو اظهار ڪيو ته چيني قانون تحت مقامي ڪمپنين کي خفيه ايجنسين کي تعاون ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي. ان حوالي سان آمريڪي فوج جي سيڪريٽري ريان مڪ ڪارٿي جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوج سيڪيورٽي خدشن جي پيش نظر ٽڪ ٽاڪ جي حوالي سان صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي. ٻئي طرف آمريڪي فوج جي ترجمان ٻڌايو ته ڊيوٽي دوران آمريڪي فوجين کي ٽڪ ٽاڪ جي استعمال ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ ڪيڊٽ ڪمانڊ طرفان حڪم ڏنو ويو آهي ته فوجي جوان ٽڪ ٽاڪ جو استعمال حد کان وڌيڪ نه ڪن. ياد رهي ته چيني ڪمپني بائٽ ڊانس جي ريڪارڊ مطابق ٽڪ ٽاڪ ايپليڪيشن جا آمريڪا ۾ 2 ڪروڙ 65 لک صارفين آهن جن جي عمر 16 کان 24 سال جي وچ ۾ آهي. واضح رهي ته آمريڪي سينيٽر چڪ شومر روسي انجنيئرن کي تيار ڪيل نئين ايپليڪيشن فيس ايپ کي به معلومات گڏ ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو هو ۽ ادارن کان تحقيقات جو مطالبو ڪيو هو. ياد رهي ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ گذريل ڪافي عرصي کان واپار جي معاملي تي سرد جنگ جي ڪيفيت ۽ ٻنهي ملڪن طرفان هڪ ٻئي جي شين تي ٽيڪس لڳايا ويا آهن. هلندڙ سال گوگل هواوي جي نئين ڊيزائنر تي اينڊرائيڊ جي ڪجهه ايپلي ڪيشن جي استعمال تي پابندي لڳائي هئي، ٽرمپ انتظاميه هواوي کي ان ڪمپنين جي فهرست ۾ شامل ڪري ڇڏيو هو جن کان آمريڪي فرمز لائسنس بغير ڪاروبار نه ٿا ڪري سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو