ٻن عورت خلابازن مشن مڪمل ڪري تاريخ لکي ڇڏي

ٻن عورت خلابازن مشن مڪمل ڪري تاريخ لکي ڇڏي

عورت خلابازن پهريون ڀيرو اڪيلي سر خلائي مشن مڪمل ڪري نئين تاريخ لکي ڇڏي. آهي گذريل مهيني سيپٽمبر ۾ پهريون دفعو عورت خلانورد خلائي سفر ڪري نئين تاريخ لکي ڇڏي هئي ۽ هاڻي پهريون دفعو ٻن عورت خلابازن خلائي مشن مڪمل ڪري نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. جي ها، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو زمين کان خلا طرف وڃڻ واري مشن جا ٻه ميمبر وفد عورتن تي مشتمل هو ،ان کان پهريون خلا ۾ موڪليل هر مشن ۾ ڪير نه ڪير مرد شامل رهيو آهي. جڏهن ته خلا ۾ پهريون ڀيرو 1963 ۾ عورت خلا جو سفر ڪيو هو ۽ روس جي ويلنتينا تريشيڪووا کي هي اعزاز حاصل آهي ته ان پهريون ڀيرو تاريخ رقم ڪندي خلا جو سفر ڪيو ۽ خلا ۾ سفر ڪرڻ واري پهرين آمريڪي عورت جو اعزاز سيلي سائڊ کي حاصل آهي، جنهن 1983 ۾ خلا طرف سفر ڪيو هو.   جڏهن ته هاڻي پهريون ڀيرو دنيا ۾ ڪنهن مرد کانسواءِ ٻن عورتن تي مشتمل خلانوردن جي مشن  خلا جو سفر مڪمل ڪري نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي.آمريڪي خلائي اداري ”ناسا“ جي مطابق آمريڪا جي ڪرسٽينا ڪوچ ۽ جيسيڪامير عالمي خلائي اسٽيشن جي مرمت جو مشن مڪمل ڪري تاريخ رقم ڪئي. ٻنهي آمريڪي خلاباز عورتن 18 آڪٽوبر جي صبح پنهنجي تاريخي مشن جو سفر شروع ڪيو ۽ ست ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت کانپوءِ هو عالمي خلائي اسٽيشن تي پهتيون. ٻنهي خلاباز عورتن کي عالمي خلائي اسٽيشن جي ٻاهران نصب ٿيل پاور ڪنٽرول سسٽم ۾ لڳل ٻن بيٽرين کي تبديل ڪيو ۽ پوءِ کين پنهنجو مشن مڪمل ڪرڻ جي لاءِ خلائي اسٽيشن جي اندر وڃڻ جي ضرورت نه پئي.جيتوڻيڪ پهريون به عالمي خلائي اسٽيشن جي بيٽرين سميت مرمت جي ٻين ڪمن  جي لاءِ عورتون خلاباز وڃي چڪيون آهن، جڏهن ته ماضي ۾ عورتون ڪنهن نه ڪنهن مرد خلاباز سان گڏ روانيون ٿيون هيون. هي پهريون ڀيرو آهي ته عورتن طرفان خلائي مشن مڪمل ڪري وڃڻ تي جتي دنيا ۾ ناسا جون تعريفون ڪيون وڃن ٿيون، اتي مشن کي مڪمل ڪرڻ وارين عورتن کي به ساراهيو وڃي ٿو. ٻنهي عورتن جي طرفان خلائي مشن کي مڪمل ڪرڻ سان گڏ هينئر تائين خلا جو سفر ڪرڻ واري عورتن جو تعداد 15 ٿي ويو آهي. خلا جو سفر ڪرڻ وارين 15 مان 14 خلانوردن جو تعلق آمريڪا سان آهي، جڏهن ته خلا جي طرف سفر ڪري تاريخ رقم ڪرڻ  جو اعزاز روسي خلاباز عورت وٽ آهي. هاڻي ناسا 2024 تائين چنڊ جي مشن تي به پهرين عورت کي موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو