واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته موبائل فون جي تابڪاري اثرن سبب ڪينسر وڌي پئي ۽ 5 جي ٽيڪنالوجي تيسين روڪي وڃي جيسين ان جي انساني صحت تي پوندڙ اثرن بابت تحقيق نه ٿئي. دنيا جي معتبر ميگزين “سائنٽفڪ آمريڪن” ۾ يونيورسٽي آف ڪيليفورنيا، برڪلي جي عوامي صحت بابت محقق جوئل موسڪووٽز جي شايع ٿيل هڪ مضمون جيڪو فيوچرزم ڊاٽ ڪام به شايع ڪيو آهي، تنهن ۾ هن آمريڪي موبائل ريگوليٽرن تي زور ڀريو آهي ته 5 جي ٽيڪنالوجي سبب انساني صحت تي اثرن بابت حڪومت اسٽدي ڪرائي ۽ تحقيق تائين فائيو جي انٽرنيٽ جي لانچنگ روڪي وڃي. هن چيو ته ان باري ۾ آمريڪا جي 250 ڊاڪٽرن ۽ سائنسدانن پاران جاري ڪيل 5 جي اپيل تي غور ڪيو وڃي ڇو ته هنن به ساڳئي ڳالهه چئي آهي. هن چيو ته عام طور تي اهو يقين ڪيو ويندو آهي ته موبائل فون جي سگنلز جي تابڪاري سبب ڪينسر ٿئي ٿي پر ان بابت ڪا ٺوس تحقيق موجود ناهي ته ڪيتري سطح جا منفي اثر ٿين ٿا. هن چيو ته 2 گي ۽ 3 جي بابت ٿيل ڪجهه اسٽڊيز ۾ ڪينسر بابت شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي پر ان باري ۾ منهنجي خيال ۾ اهي تصور ٿيندڙ نقصان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خطرناڪ آهي ۽ ان بابت جامع تحقيق جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو آهي ته 5 جي ٽيڪنالوجي لاءِ رڳو آمريڪا ۾ اربين ڊالر خرچ ٿيندا ۽ گهٽ ۾ گهٽ 8 لک نيون اينٽينائون لڳنديون، اوهان سوچو جتي اسين رهون ٿا، ڪم ڪريون ٿا يا کيڏيون ٿا اتي ڇا ٿيندو.
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
اڄوڪي-اخبار-2024-04-20
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو