ٿر جو عجيب ڳوٺ جتي پڪا گهر ٺاهڻ جي مالڻ ماتا جي منع ٿيل

چيلهار(ساجد نهڙيو)ٿر جو هڪ اهڙو پراڻو ڳوٺ به آهي جتي جا رهواسي سرن سان پڪي جڳھه اڏڻ جو تصوير به نٿا ڪري سگهن. چيلهار لڳ ڳوٺ هريار جا رهواسي هندو پنهنجي مذهبي حساب سان ڳوٺ جي ڀرسان موجود ڏاڏي مالڻ جو ٿان( درگاه) موجود هئڻ جي ڪري پڪي جڳھ ٺاهڻ کي عيب سمجهن ٿا. ڳوٺاڻا چون ٿا ته سندن ڏاڏي مالڻ ماتا  پڪي جڳھ ٺاھڻ جي منع ڪئي آهي.

جنهنڪري هو سرن سان ڪو به ڳوٺ ۾ ڪمرو نٿا اڏن، اهو ڳوٺ اندازن ٽي هزار آبادي تي مشتمل آهي جتي جا ڳوٺاڻا پنهنجا گهر ڪاٺين مان ڪچا چونئرا ٺاهي اڏن ٿا.  چيلهار کان ست ڪلوميٽر مفاصلي تي مٺي ويندڙ مين روڊ ڀرسان هي ڳوٺ موجود آهي. ڳوٺاڻا ٻڌائن ٿا ته اسان جو ڳوٺ ڪافي قديمي ڳوٺ آهي اسان جا ابا ڏاڏا ست پيڙهين کان هتي رهائش پذير آهن. اسين ڳوٺ ۾ ڪڏهن به پڪا ڪمرا نٿا ٺاهيون ڳوٺ ۾ آباد مسلمان پڻ هندن جي مذهبي منع جو احترام ڪندي پنهنجا پڪا گهر نٿا ٺاهن ڳوٺاڻا چون ٿا ته جيڪو مذهبي ريت رسم کي ٽوڙي ڪمرو اڏي ٿو اهو ڪمرو پڻ ڪري وڃي ٿو.

ڳوٺ ۾ مسلمانن مان رڳو ڪنڀار هتي رهن ٿا. درگاهه جي سار سنڀار ڪندڙ راجوير سنگهه کان جڏهن پڇو ته مالڻ ماتا پڪا گهر ٺاهن کان منع ڇو ڪئي آهي ته ان جو هن وٽ ڪو مناب جواب ناهي رڳو ايترو چيو ته اها ڳالهه ڪتاب ۾ لکيل آهي. جڏهن ڪتاب بابت کائنس پڇو ته هن چيو ته اهو ڀارت ۾ پيل آهي ۽ اسانجو اهو ڪيترن نسلن کان عقيدو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو