خلابازن لاءِ ناسا جون ايجادات،جيڪي هر گهر جو حصو بڻيون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) آمريڪا جي خلائي تحقيقاتي اداري هونئن ته لاتعداد شيون ايجاد ڪيون آهن. جن ۾ ڪمبل، مصنوعي عضوا، انٽرنيٽ ۽ ٻيون شيون ناسا جون ايجاد ڪيل آهن. اسانجي روزمره جي استعمال جون ڪجهه شيون اهڙيون به آهن جن بابت شايد اسانکي اها خبر نه هجي ته اهي ناسا پنهنجي خلائي محققن لاءِ ايجاد ڪيون ۽ آهستي آهستي عام ماڻهو جي استعمال ۾ آيون. اهڙين 5 شين بابت اوهان کي هتي ڄاڻ ڏينداسين. 1. فوم ناسا جي خلابازن لاءِ شٽل جون سيٽون چر پر دوران ايڊجسٽ ايبل هئڻ لاءِ 1966 ۾ ايجاد ڪيو.

جيڪو 1970 کانپوءِ ميٽرس وغيره ۾ استعمال ٿين شروع ٿيو. ها اوهانجي سڪون واري ننڍ جو گدو ناسا جي ايجاد آهي. 2. پڪسل سينسر به ناسا ايجاد ڪيو.

جيڪو  هاڻي اسين موبائل فون ذريعي سيلفي وغيره ٺاهيون ٿا اها به ناسا پنهنجي سائنسدانن لاءِ ايجاد ڪئي هو جيڪو بعد ۾ عام ماڻهن جي استعمال ۾ آئي. 3. پاڻي صاف ڪرڻ وارو فلٽر پلانٽ به ناسا جي ايجاد آهي.1960

۾ هنن خلائي تحقيقاتي ٽيمن لاءِ گهٽ بجلي تي هلڻ وارو پلانٽ ٺاهيو هو.4 . فائر فائٽر ماسڪ ۽ ايئر بوتل به ابتدا م ناسا وارن خلائي سائنسدانن لاءِ ايجاد ڪيا پر بعد ۾ باهه وسائڻ واري عملي جي ڪٽس جو حصو بڻيا.

انهن جي استعمال سان گهڻي دونهين ۾ به ساهه کڻي سگهبو آهي. 5. ايٿليٽ بوٽ، به ابتدا ۾ ناسا وارن خلائي محققن لاءِ تيار ڪيا هئا جيڪي بعد ۾ عام ماڻهو جي استعمال ۾ آيا ۽ اسپورٽس مين به استعمال ڪرڻ لڳا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو