بلوچن سنڌين کي ڌاريو قرار ڏئي مڇي مارڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي

پکو (عبدالوحيد ميئو) بلوچستان جي جيوڻي واري علائقي ۾ بلوچ قومپرست ڪميٽي طرفان سنڌين سميت غير مقامي ماڻهن جي مڇي مارڻ تي پابندي مڙهي، سندن ٻيڙيون ٻاهر ڪڍي ڇڏيون آهن. جنهن سبب سوين سنڌي ۽ بروهي بيروزگار ٿي ويا آهن. کين ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن ته جيڪڏهن شڪار لاءِ سمنڊ ۾ لٿا ته کين قتل ڪيو ويندو. اهڙي صورتحال سبب سنڌ واسين جيوڻي ۾ احتجاج ڪندي صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته کين تحفظ ڏنو وڃي.

بيروزگار ٿيل پکو شھر واسي ماھگير مزدور غلام مصطفي’،  نديم سنڌي ، حيدر سنڌي ۽ ٻين فون ذريعي سنڌيار کي ٻڌايو ته اسان ڪيترن ئي سالن کان سمنڊ ۾ مڇي جو شڪار ڪري ٻچڙن جو پيٽ پاليندا آهيو ۽ اوچتو پابندي سبب بي روزگار ٿي ويا آهيون. هنن ٻڌايو ته کين گوادر جي بندرگاھ انتظاميه طرفان لائسنس ۽ پرمٽ به مليل آهن ۽ هو فيس به ڀريندڙ آهن. اسان ڪمائي مام بندرگاھ جي ٽيڪس پڻ ادا ڪندا آھيون  تنھن باوجود به اسان کي بلوچ قومپرست تنظيم سنڌي ھجڻ ناطي پابنديون مڙھي ڇڏيون آھن جيڪڏھن لانچون سمنڊ ۾ لاھيون ٿا ته اسان کي قتل جون ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪيو وڃي ٿو . مقامي انتظاميه ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

انتظاميه جا ئي ڪجهه ماڻھو اسان کي علائقو ڇڏي وڃڻ جو چئي رھيا آھن. ھنن وڌيڪ چيو ته اسان جي بندرگاھ تي لکين روپين جي سيڙپ ٿيل آھي ھاڻ اسان لانچون ۽ ٻيو سامان ڪيڏانھن کڻي وڃون. اسين بلوچ قومپرست اڳواڻن، سنڌ سرڪار ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ٿا ڪريون ته گوادر انتظاميه سان ڳالھيون ڪري اسان کي بيروزگار ٿيڻ کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو