ڪراچي(اسپورٽس نيوز)پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 9 جي پهرين ايليمينيٽر ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز کي 39 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ڪوئيٽا طرفان عمير يوسف ٽاپ اسڪورر رهيو، هن 37 بالن تي 50 رنسن جي اننگز کيڏي.اسلام آباد جي 174 رنسن جي جواب ۾ ڪوئيٽا جي پوري ٽيم 18.4 اوورن ۾ 135 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ان جا 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز خلاف اسلام آباد يونائيٽيڊ ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ فتح لاءِ 175 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.اسلام آباد جي بيٽسمين مارٽن گپٽل 56 ۽ آغا سلمان 31 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ايلڪس هيلز ۽ شاداب خان 23، 23 ۽ اعظم خان 18 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.فهيم اشرف ۽ حيدر علي رڳو هڪ هڪ رنسون ٺاهي سگهيا.اهڙي ريت اسلام آباد يونائيٽيڊ مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 174 رنسون ٺاهيون.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي محمد عامر ۽ عقيل حسين 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته محمد وسيم، ابرار احمد ۽ سعود شڪيل هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جو ڪپتان شاداب خان ۽ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو ڪپتان رلي روسو ميدان ۾ پهتا.ٻنهي ٽيمن پي ايس ايل ۾ گذريل 4 ميچن ۾ 2، 2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.اسلام آباد جي فائنل اليون ۾ ايلڪس هيلز، مارٽن گپٽل، سلمان علي آغا، شاداب خان، اعظم خان، حيدر علي، عماد وسيم، فهيم اشرف، نسيم شاهه، حنين شاهه ۽ عابد مڪوي شامل آهن.ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان جيسن راءِ، سعود شڪيل، خواجه نافي، ريلي روسو، عمير بن يوسف، لاري ايوانز، عقيل حسين، محمد وسيم جونيئر، محمد عامر، ابرار احمد ۽ عثمان طارق ٽيم جو حصو آهن.
ڪوشش ڪندي آهيان ته سوشل ميڊيا تي گهٽ اچان: عليزي شاهه
واوڊا ۽ ڪمال کي شوڪاز نوٽيس ، ذاتي حيثيت ۾ طلب
اسيمبلي اجلاس جي پڄاڻي تائين چيما جي ميمبرشپ معطل
ڊالر 278 رپيا 50 پئسا،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان
سنڌ حڪومت کي 32 ضلعن ۾ پبلڪ ٽوائلٽ ٺاهڻ جو حڪم
اي آءِ کي اپنائڻ سان عدالتي عمل تيز ٿي سگهي ٿو: جسٽس منصور
چين جو 15 ارب ڊالر قرض، پاڪستان مدي ۾ واڌ جو خواهش مند
لاهور ۾ مبينا پوليس مقابلو، 2 جوابدار گرفتار
اسرائيل پاران عالمي مخالفت باوجود فوجي امداد موڪلڻ جو اعلان
ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاءِ 15 پاڪستاني رانديگرن جا نالا فائنل
سنڌ يار ڪراچي 17 مئي 2024
سنڌ يار سکر 17 مئي 2024
محقق تاريخدان گل حسن ڪلمتي کي ڀيٽا
اسٽريٽ ڪرائم گهٽجڻ جي دعويٰ،صوبي ۾ منشيات جو مڪمل خاتمو ڪنداسين
ڊار کي نائب وزيراعظم بڻائڻ خلاف درخواست تي اختيارين کي نوٽيس جاري
صحافي عبدالرئوف بروھي ياد ۾ قرآن خواني،مغفرت لاءِ دعا گهري وئي
ڌاٻيجي ۽ حب پمپنگ اسٽيشن تان معمول پاڻي فراهم جاري،واٽر بورڊ
واوڊا جي پريس ڪانفرنس تي سپريم ڪورٽ جو پاڻمرادو نوٽيس
جهلم درياءَ ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا ٻڏي فوت
پنجاب حڪومت جو لاهور ۾ اليڪٽرڪ بسون هلائڻ جو اعلان