ڪراچي(استاف رپورٽر) ڪراچي جي ڪورنگي 5 واري سرڪاري اسپتال ۾ ڊاڪٽر فرخ شير خان خلاف جنسي حراسگي وارن الزامن جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي آهي. ڪاميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته 15 ڏينهن ۾ رپورٽ سيڪريٽري صحت کي پيش ڪئي وڃي. ڊاڪٽراعجاز خانزادو جيڪو او ايس ڊي آهي، ڪاميٽي جو سربراهه هوندو. جڏهن ته صحت کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري محمد ابراهيم ميمڻ ۽ سيڪشن آفيسر افتخار عالم بابلاڻي ان جا ميمبر هوندا. جنسي حراسگي بابت اي آر واءِ چينل تي خبر نشر ٿيڻ بعد ڪورنگي جي سرڪاري اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ جي موڪليل شڪايت تي هي جاچ ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي. ان باري ۾ سيڪريٽري صحت پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ڪورنگي جي هن اسپتال ۾ اڳ ۾ به ابراهيم حيدري سان تعلق رڪندڙسنڌي نياڻي جيڪا ڏاٺ جي سور جي دوا وٺڻ آئي هئي تنهن کي نشو ڏئي ساڻس زيادتي ڪئي وئي ۽ بعد ۾ زهر جي سئي هڻي کيس قتل ڪيو ويو هو. واقعي ۾ سنڌي ڊاڪٽرن جي ملوث هجڻ جو الزام هو.
علي محمد خان جو اڊيالا جيل انتظاميا خلاف هاءِ ڪورٽ وڃڻ جو اعلان
پاڪستان ۾ تيز ترين انٽرنيٽ واءِ فاءِ 6 اي متعارف
قرضن تي وياج معيشت تي وڏو بار قرار، خرچ گهٽ ڪرڻ جو مطالبو
واوڊا ۽ ڪمال کي شوڪاز نوٽيس ، ذاتي حيثيت ۾ طلب
معصوم نينگر گٽر ۾ ڪري فوت، ڊي سي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم
بجليءَ جو مسئلو 15 ڏينهن اندر حل نه ڪريو نه ته آن آف پاڻ ڪندس
سنڌ حڪومت جو پيپلز بسون گهرائڻ جو فيصلو
6 مهينن کان شايع نه ٿيندڙ 181 اخبارون ۽ رسالا ميڊيا لسٽ مان خارج
پنجاب، گرمي ۾ واڌ، اسڪولن جا وقت تبديل ڪرڻ جو فيصلو
تعليم کاتي جو انوکو آرڊر،فوتي ماستر کي طلب ڪري ورتو
چيف جسٽس آذربائيجان روانو، جسٽس منيب قائم مقام چيف جسٽس
پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا ڪوريج تي پابندي
ٽڪ ٽاڪ ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر اسيمبلي دروازي آڏو بيٺا آهن
يونين ڪائونسل سطح تي شناختي ڪارڊن جي تجديد ڪرڻ جو فيصلو
ننگر پارڪر ۾ زميني تڪرار تان جهيڙو، 1 ڄڻو مارجي ويو، 6 ڄڻا زخمي
دوداپور ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
چين جو 15 ارب ڊالر قرض، پاڪستان مدي ۾ واڌ جو خواهش مند
اسيمبلي اجلاس جي پڄاڻي تائين چيما جي ميمبرشپ معطل
ڊالر 278 رپيا 50 پئسا،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان
سنڌ حڪومت کي 32 ضلعن ۾ پبلڪ ٽوائلٽ ٺاهڻ جو حڪم