ايشيا ڪپ، هالينڊ جي دوري جون تياريون، ٽيم جي پريڪٽس ميچ

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جون هالينڊ جي دوري ۽ ايشيا ڪپ لاءِ تياريون جاري آهن.لاهور ۾ کيڏيل پريڪٽس ميچ ۾ پاڪستاني اسڪواڊ پاڪستان شاهينز کي 92 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.پاڪستاني اسڪواڊ هالينڊ جي دوري ۽ ايشيا ڪپ جي تيارين جي سلسلي ۾ ايل سي سي اي گرائونڊ ۾ پاڪستان شاهينز خلاف پريڪٽس ميچ کيڏيو.پاڪستان ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 290 رنسون ٺاهيون، امام الحق 82 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.بابر اعظم 56، فخر زمان 45 رنسون ۽ خوشدل شاهه 44 رنسون اسڪور ڪيون جڏهن ته شاهينز جي مير حمزا، ابرار احمد ۽ زاهد محمود 2، 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.جواب ۾ شاهينز 198 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، عبدالله شفيق 44 رنسون، محمد حارث 27 ۽ عبدالواحد بنگلزئي 27 رنسون ٺاهيون.قومي ٽيم جي محمد نواز 4 وڪيٽون حاصل ڪيون.

پهنجو تبصرو موڪليو