Daily Sindhyar
Daily Sindhyar Karachi
سنڌو درياهه ۾ چاڙهه بعد دادو جي ڪچي ۾ ٻوڏ جي صورتحال
https://www.dailysindhyar.com/%d8%b3%d9%86%da%8c%d9%88-%d8%af%d8%b1%d9%8a%d8%a7%d9%87%d9%87-%db%be-%da%86%d8%a7%da%99%d9%87%d9%87-%d8%a8%d8%b9%d8%af-%d8%af%d8%a7%d8%af%d9%88-%d8%ac%d9%8a-%da%aa%da%86%d9%8a-%db%be-%d9%bb%d9%88/

سنڌو درياهه ۾ چاڙهه بعد دادو جي ڪچي ۾ ٻوڏ جي صورتحال

Posted on 11/08/2022 by Murtaza Mahar

Category:

دادو(ن سنڌيار)سنڌو درياهه ۾ چاڙهه بعد دادو جي ڪچي ۾ ٻوڏ جي صورتحال، 20 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل ٻڏي ويو،ڪيترن ئي ڳوٺن جو شهر سان زميني رابطو به ڪٽجي ويو ضلعي انتظاميا ٻوڏ متاثرين جي واهر نه ڪئي، ٻوڏ متاثر پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور دادو جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ گل محمد ڪوريجو۔ ڳوٺ مبارڪ جتوئي۔ ڳوٺ ڇٽو مستوئي۔ ڳوٺ سيال۔ ڳوٺ قائم کرل کي ٻوڏ جي پاڻي گهيري ورتو ڳوٺ کوتو ماڇي۔ ڳوٺ دانو چانڊيو، ڳوٺ شير محمد مستوئي، ڳوٺ سلطان مستوئي، ڳوٺ نبن جتوئي، ڳوٺ قاسم مستوئي، ڳوٺ رحمت اللہ مستوئي، ڳوٺ اللہ بچايو جتوئي، ڳوٺ شبير جتوئي، ڳوٺ عارب جتوئي، ڳوٺ نجم ڪوريجو، ڳوٺ حبيب اللہ ماڇي ۾ ٻوڏ جو پاڻي داخل ٿي ويو آهي ڳوٺاڻن دانهيو آهي ته ضلعي انتظاميا هن وقت تائين ڪابه واهر ناهي ڪئي، ٻوڏ جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي ضلعي انتظاميا ٻيـڙيون به فراهم نه ڪيون آهن جلد ٻيڙيون فراهم ڪيون وڃن ته جئين پاڻي مان نڪري سگهون