Daily Sindhyar
Daily Sindhyar Karachi
اسٽيٽ بينڪ پاران ملازمن کي هفتي ۾ ٻه ڏينهن گهر کان ڪم ڪرڻ جو حڪم
https://www.dailysindhyar.com/%d8%a7%d8%b3%d9%bd%d9%8a%d9%bd-%d8%a8%d9%8a%d9%86%da%aa-%d9%be%d8%a7%d8%b1%d8%a7%d9%86-%d9%85%d9%84%d8%a7%d8%b2%d9%85%d9%86-%da%a9%d9%8a-%d9%87%d9%81%d8%aa%d9%8a-%db%be-%d9%bb%d9%87-%da%8f%d9%8a%d9%86/

اسٽيٽ بينڪ پاران ملازمن کي هفتي ۾ ٻه ڏينهن گهر کان ڪم ڪرڻ جو حڪم

Posted on 23/06/2022 by Murtaza Mahar

Categories: , ,

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) توانائي بچت مهم تحت گهر کان ڪم ڪرڻ واري پاليسي جوڙي ڇڏي آهي. مرڪزي بئنڪ توانائي بچت مهم تحت ملازمن کي هفتي ۾ ٻه ڏينهن گهر کان ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ملازمن کي گهرجي ته سرڪاري گڏجاڻين جو تعداد گهٽ ڪن، ايئر ڪنڊيشن جو استعمال احتياط سان ڪيو وڃي ۽ آفيس ۾ گهڻو وقت ڪم نه ڪيو وڃي.