“سنڌ جي ڳوٺن اندر نياڻين جي تعليم”

الاهي بخش حرمجاھد
زندگي جي ھن ڊوڙ ۾ جيڪڏهن ھڪ نظر ڳوٺن جي تعليمي پسمنظر تي ڦيرائي وڃي ته ھن جديد دور ۾ به ڳوٺن جي تباهي نظر اچي ٿي تعليم جي تباهي جو سبب شعور جي گھٽائي وقت جي پابندي نه ڪرڻ ۽ عملي ڪم نه ڪرڻ آهي ھنن سڀني ڳالهين کي جيڪڏهن تسليم نه ڪبو ته اسان پنهنجي معاشري خاص ڪري ڳوٺن جي تعليم کي بھتر ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگھنداسين. چوڻي مطابق “عورت پڙھي ته گھر پڙھيو مرد پڙھيو ته فرد پڙھيو” ۽ جڏهن اسين نياڻين جي تعليمي پسمنظر تي ھڪ نظر وجھنداسين ته اتي به اسان تمام گهڻو پوئتي نظر اچون ٿا پر جيڪڏهن اسان ماضي تي نظر وجھنداسين ته اسان کي معاشري جي باشعور عورتن جا مثال ملندا پر ھن دور ۾ ڏٺو وڃي ته خاص ڪري سنڌ جي ڳوٺن طرف تعليمي ادارن ۾ معياري تعليم نه ٿي ڏني وڃي ان جو ھڪ سبب ھي به آهي ته ڳوٺن ۾ حڪومت گهڻي پيماني تي صرف پرائمري اسڪول جي سھولت آهي جتي خاص ڪري نياڻيون صرف پرائمري تعليم حاصل ڪري سگهن ٿيون جڏهن ته هو اڳتي تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکن ٿيون پر غربت سبب ھو اڳتي تعليم حاصل نٿيون ڪري سگهن يا ڪي وري سماج ۾ وڌندڙ برائن جي خوف سبب پرائمري تعليم کانپوء گھرن تائين محدود رھجي وڃن ٿيون ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو خواب سندن اڌورو رھجي وڃي ٿو جنهن سبب نياڻيون مايوسي جو شڪار ٿي وڃن ٿيون نتيجي طور انهن نياڻين جون يا ته ننڍي عمر ۾ شادي ٿي وڃي ٿي. يا ته وري ڪي نياڻيون غربت سبب پنهنجي زندگي گذارڻ لاء پورھيو ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿيون ائين تي سماج ۾ عورت کي برابري جي حق کان محروم ڪيو وڃي ٿو. سنڌ اندر سرڪاري اسڪول ته ھزارن جي تعداد ۾ آهن پر اھي عمارتون علم حاصل ڪرڻ بدران علائقي جي پوتار يا ان جي ڪمدار کي وفاداري طور انعام ۾ اوطاق ڪري ڏنيو وينديون آهن. ڳوٺن جا ٻار خاص ڪري نياڻيون انهن اسڪولي عمارتن کي ڏسنديون رھنديون آهن پر سندن تعليم پرائڻ واري خواهش ڄڻ ته صرف خواب بڻيل ھوندي آهي. حڪومت سنڌ کي گھرجي ته ڳوٺاڻي تعليم کي بھتر بڻائڻ لاء جوڳا اپاء ورتا وڃن پراڻين بلڊندگس جي مرمت ڪرائي بند پيل اسڪول کوليا وڃن خاص ڪري نياڻين جي تعليم کي معياري بڻائڻ لاء ڳوٺن ۾ پرائمري اسڪول سان گڏوگڏ مڊل ۽ ھاء اسڪول ۽ ٻيا تعليمي سيڪٽرس کوليا وڃن جئين سنڌ جي نياڻين کي تعليمي ميدان ۾ برابري جو حق ملي سگهي ۽ ھو اعليٰ مقام ماڻي مثالي عورتن وانگر بڻجي سگھن.

پهنجو تبصرو موڪليو