سنڌ جون زمينون بنجر ٿيڻ جا سبب

سڪندر ساهووال
مين روهڙي ڪينال ڏهه دري جي مقام وٽ ختم ٿئي ٿو ۽ اتان روهڙي ڪينال مان چار واهه ۽ ڇهه شاخون نڪرن ٿيون، جيڪي مختلف ٽن ضلعن جي زمينن ۽ جانورن تائين پاڻي پهچائين ٿا. ڪجهه قدر پاڻي جي کوٽ مٿان ٿي رهي آهي ته وري گهڻي قدر پاڻي جي کوٽ روهڙي ڪينال مان نڪرندڙ واهن ۽ شاخن تي مقرر ايريگيشن جو عملدار ڪري ٿو. مٿي ذڪر ڪيل واهن ۽ شاخن تي مقرر ٿيل عملو سال ۾ ٻه ڀيرا فوڙي جي مد ۾ رشوت وٺي ٿو. هر واٽر ڪورس تي لڳ ڀڳ 20 کان 25 لک واٽر في واٽر ڪورس فوڙي واٽر جي منڍ وارا زميندار چندو ڪري ايريگيشن عملدارن تائين پهچائي ٿو، جيڪا گوڙي داروغي کان ويندي مٿي تائين ورهائجي ٿي. من پسند ۽ ججهو پيسو خرچ ڪندڙ وڏن زميندارن کي سرڪاري ماپ کان هٽي ڪري واهن ۽ شاخن جي بندي دوران رات پيٽ ۾ وڏي مقدار ۾ زير زمين پائيپ هڻي ڏنا وڃن ٿا، نتيجي ۾ پوڇڙي جي آبادگارن تائين پاڻي جي لپ به نٿي پهچي جنهن ڪري پوڇڙي جون سموريون زمينون بنجر بڻجي چڪيون آهن. خريف جي پوکائي شروع ٿيڻ شرط مٿان کان پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي وئي، جيڪا هن وقت شدت اختيار ڪري چڪي آهي. هن وقت به منڍ جي آبادگارن جي رڙ گهٽ پر پوڇڙي جي آبادگارن جون دانهون، احتجاج، روڊ بلاڪ وارو سلسلو جاري آهي. پاڻي جي کوٽ ان وقت پيدا ٿي وئي جنهن وقت خريف جي پوکائي شروع ٿي وئي. هن وقت ڪپهه جي فصل کي ڀنجهو جي پاڻي سان گڏ يوريا ڀاڻ ڏنو وڃي ٿو، پر پاڻي جي کوٽ ۽ سخت گرمي سبب ڪپهه جو فصل گرم هوا ۽ سخت گرمي ۾ ڪوماڻجي ويو آهي، نتيجو اهو نڪرندو ته پاڻي جي سخت کوٽ سبب ڪپهه جو فصل اها پيداوار نه ڏيئي سگهندو جيڪا اڳ ۾ ڏيندو هو. هن وقت پاڻي جي کوٽ سان گڏ نقلي زرعي دوائن ۽ نقلي ڀاڻ عام ٿي ويو آهي. هتان جا مقامي واپاري موقعي جو فائدو وٺي حد جي سمورن زميندارن ۽ ننڍن ننڍن آبادگارن کي پنهنجي چنبي ۾ ڦاسائي انهن کي نقلي ۽ غير معيار ڀاڻ ڏئي رهيا آهن، جنهن جي استعمال سان فصل مان اوتري اُپت پيدا نه ٿي ٿئي، جيتري لهڻ گهرجي، نتيجي ۾ سنڌ جو هاري ڏينهون ڏينهن ڪنگال ٿيندو ٿي رهيو آهي ۽ واپاري وڌيڪ مال دار ٿيندو پيو وڃي. ايريگيشن کاتي پاران زرعي پاڻي جي چوري تي ٻنجو نه اچڻ ڪري ننڍو آبادگار مايوس ٿيندو پيو وڃي، نتيجي سنڌ جون سون ورنيون زمينون ڪلر ۽ بنجر بڻجي رهيون آهن. ڪو وقت هو ته سنڌ جون زمينون آباد هيون پر ان وقت جي ڀيٽ ۾ هن وقت سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن ضلعن سميت ضلعي مٽياري جي اڏيرولال واري علائقي ۾ هزارين ايڪڙ زرعي زمينون بنجر ٿيڻ جو وڏو سبب اهو به آهي ته اسڪارپ ايريگيشن کاتي پاران لڳ ڀڳ هر واٽر ڪورس تي ٻه کان ٽي سرڪاري ٽيوب ويل لڳايا ويا هئا، جن تي هزارن جي تعداد ۾ ٽيوب ويل آپريٽر ۽ ٻيو عملو اڄ به سرڪاري خزاني تي بار بڻيل آهن، جتي سندن ڊيوٽي آهي اتي سرڪاري ٽيوب ويل جو نالو نشان به ڪونهي هر سرڪاري ٽيوب ويل جي مشينري ۽ ٽرانسفارمر چوري ٿي چڪا آهن، پر اڄ به ڪنهن هڪ آپريٽر پاران پنهنجي کاتي کي اهڙي شڪايت لکت ۾ نه ڏني وئي آهي ته سندس ٽيوب ويل جي سموري مشنيري چوري ٿي چڪي آهي ۽ نه ئي وري اسڪارپ ايريگيشن کاتي جي سپروائيزر کان ويندي مٿي تائين ڪا جاچ ٿي هجي يا ڪو ضلعي مٽياري ۾ لڳل سرڪاري ٽيوب ويلن جي تباهه حالي بابت ڪا جاچ پڙتال ٿي آهي. هوڏانهن ايريگيشن کاتي جي داروغون، بيلدارن، سپروائيزن، سرويئرن ۽ ايڪس اِي اين سميت ڪنهن به عملدار کي اها فڪر ناهي ته انگريز دور ۾ قائم ڪيل نهري نظام بلڪل تباهه ٿيندو پيو وڃي. هر شاخ تي ڪروڙين رپين جو پاڻي چوري ڪرائي پاڻ ته ڪروڙ پتي بڻجي رهيا آهن، پر هو سنڌ جي سون ورنين زمينن کي هٿ وٺي تباهه برباد ڪري رهيا آهن. هر واهه توڙي شاخ جا ڪپر ڪمزور ٿي چڪا آهن، سالن کان ايندڙ بجيٽ ڪوڙن بلن ۾ هڙپ ٿي رهي آهي پر نهري نظام کي مضبوط ۽ پائيدار بڻائڻ لاءِ ايريگيشن توڙي آبپاشي کاتي وٽ ڪوبه پلان ڪونهي. باقي ايندڙ بجيٽ ۽ پاڻي چوري ڪرائڻ لاءِ کوڙ سارا پلان سندن ذهنن ۾ گردش ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اڃان به انگريزن پاران ڏنل نهري نظام تي اختيارين ڌيان نه ڏنو ته سمورو نظام تباهه ۽ برباد ٿي ويندو نتيجي ۾ سنڌ جون سون ورنيون زمينون بنجر ۽ ڪلراٺيون بڻجي وينديون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻمورادو نوٽيس وٺي سنڌ جي سون ورنين زمين کي بنجر ٿيڻ کان بچائي مقرر ٿيل ڪرپٽ عملدارن خلاف سخت کان سخت قدم کنيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو