وزيراعظم جي اعتماد جو ووٽ ، قومي اسمبلي جو اجلاس طلب

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سينيٽ اليڪشن ۾ شڪست بعد وزيراعظم عمران خان پنهنجي ساٿين سان صلاح مشورن بعد ڇنڇر تي قومي اسمبلي جي سڏايل خصوصي اجلاس ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اپوزيشن پاران استعيفيٰ جو مطالبو رد ڪندي هن چيو ته جيڪڏهن اعتماد جو ووٽ نه مليو ته پوءِ اسمبلي ٽوڙي نئين چونڊ ڪرائيندس. صدر ڇنڇر تر قومي اسمبلي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. هن اڄ شام 7 وڳي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ لاءِ خطاب جو به فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم سان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل فيض حميد به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي سياسي ۽ سيڪورٽي جي صورتحال بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو