آئين خاموش هجي ته عدالت جو ڪردار ختم ٿي ويندو آهي، مولانا

پشاور (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته جِتي آئين خاموش هُجي، اُتي عدالت جو ڪردار ختم ٿي ويندو آهي، آئين ۾ سينيٽ چونڊون شو آف هينڊز ذريعي ڪرائڻ لاءِ ڪابه شق ناهي، عدالت کي گذارش آهي ته اُن ۾ پاڻ کي ڌُر نه بڻائي ۽ صورتحال جيئن جو تيئن رهڻ ڏئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊسڪه ۽ ڪرم ۾ ٻيهر ننڍي چونڊ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي سينيٽ چونڊن ۾ ادارن جَي ڪردار بابت ثبوت نه مليا هوندا، اسان بنا جواز ڪنهن کي جانبدار نه سڏيندا آهيون، 2018ع جي چونڊن ۾ ٿيل ڌانڌلي تي وڏي واڪي ڳالهايو ۽ اڄ به اُن تي قائم آهيون، ڪرم ۽ ڊسڪه ۾ ننڍي چونڊ دوران ڌانڌلي ذريعي آيل نتيجن کي قبول نٿا ڪريون، ڌانڌلي جا ذميوار پنهنجي ذميواري قبول ڪن ۽ اليڪشن ڪميشن ٻيهر چونڊون ڪرائي، سينيٽ چونڊن ۾ سرپرائيز اهو آهي ته انشاءَ الله اسان ڪامياب ٿينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو