پاڪستان ۾ انصاف جو نظام وائکو ٿي چڪو آهي، عباسي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي  جِي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين خلاف پي ايس او ۾ غير قانوني ڀرتين  بابت ريفرنس تي ٻڌڻي، جج موڪل تي هئڻ سبب ريفرنس تي ڪارروائي 20 مارچ تائين ملتوي ڪئي وئي. عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ملڪ ۾ انصاف جو نظام سڀني آڏو وائکو ٿي چڪو آهي، ڇا اين اي 75 تي ننڍي چونڊ دوران 20 پولنگ اسٽيشنز جي عملي کي اغوا ڪرڻ ڏوهه ناهي؟ پرزائيڊنگ آفيسرن جي اغوا پٺيان اهي ماڻهو آهن، جيڪي وڊيو اسڪينڊل ۾ پئسا وٺي رهيا آهن، عمران خان ۽ سندس وزيرن خلاف احتساب ڪير ڪندو؟، حڪومت براڊ شيٽ بابت ڪميشن جوڙي حقيقتون لڪائڻ جو منصوبو جوڙيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو