بد امني وڌي وئي آهي، پوليس بي وس بڻيل آهي، اسماعيل شاهه

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي نائب صدر پير اسماعيل شاھ راشدي چيو آهي ته خيرپور ضلعي ۾ بدامني ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ڏينهن ڏٺي جو قتل، اغوا ۽ ڦرن جون وارداتون معمول بڻجي رهيون آهن امن امان جي صورتحال بدترين ٿيندي پئي وڃي، پير ڳوٺ ڀرسان ڳوٺ هادل شاه ۾ پنهنجي رهائشگاه تي عيد ملڻ لاءِ آيل مختلف وفدن سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيرپور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني تي تمام گهڻي حيرت ٿي رهي آهي، پر پوليس خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پير اسماعيل شاھ راشدي چيو ته ٻه ڏينهن اڳ خيرپور جي ڇوهارا منڊي ڀرسان نوجوان هندو واپاري راجا ڪشن چند کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي جنهن کي 72 ڪلاڪ گذرڻ باوجود پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر اهو به پتو نه لڳائي سگهي آهي ته قتل ڪنهن ۽ ڇو ڪيو آهي، پير اسماعيل شاھ راشدي چيو ته موجوده ايس ايس پي خيرپور کي امن امان تي سوديبازي نه ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسان توڙي اسان جي پارٽي پنهنجي اقتدار ۾ پوليس کي فري هينڊ ڏنو هو. ان موقعي تي سيد مرتضي شاهه راشدي، ڊاڪٽر پيارو خان ڦلپوٽو، سيد زاهد شاه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو