ويگو ڪلٽي هڪ فوت 3 زخمي، روهڙي ڪينال مان لاش هٿ

خيرپور(سجاد علي ڪٻر)قومي شاهراه تي ٺيڙهي شهر ويجهو ويگو گاڏي ۽ موٽر سائيڪل ۾ زوردار ٽڪر لڳڻ سبب ويگو گاڏي کي يڪدم ڪلٽي ٿيڻ سبب باه لڳي وئي جڏهن ته حادثي جي اطلاع تي فائير برگيڊ گاڏي ۽ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي وئي جڏهن ته هڪ ڪلاڪ بعد باه وسائڻ واري گاڏي پهچڻ سبب ويگو سڙي رک ٿي وئي حادثي  سبب  رستي تان گذرندڙ هڪ معصوم ٻارڙي 14 سالا نادره شيخ فوت ٿي وئي جڏهن ته 3 ڄڻا ظهير شاه, سليم شاه ۽ اسلم  شديد زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي خيرپور سول اسپتال آندو ويو. ٻئي پاسي روھڙي ڪينال مان ھٿ آيل لاش جي سڃاڻپ سيٺارجا جي رھائشي 35 سالا شادي شده عورت رخسانا زال ادريس مغل جي نالي سان ٿي آھي

عورت جا وارث محرابپور جي بنيادي صحت مرڪز پھچي ويا. وارثن جو چوڻ آھي ته عورت جو ذھني توازن صحيح نه ھيو جيڪا جمعي جي ڏينهن کان گم ٿيل هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو