قطر پاران پاڪستان سميت 31 ملڪن جي تجارتي اڏامن تي بندش

دوحه (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت دنيا جي 31 ملڪن لاءِ قطر ايئر ويز ڪمرشل فلائيٽس تي پابندي هڻي ڇڏي آهي. قطر جي ڊائريڪٽر سول ايوي ايشن چيو آهي ته انهن ملڪن مان ڪورونا جي وبا ڦهلجڻ جو خطرو وڌيڪ آهي ان ڪري اڻ ڄاتل مدي تائين ان تي پابندي رهندي. جن ملڪن تي پابندي هئين آهي انهن ۾ ڀارت، لبنان، فلپائن، مصر، چين، برازيل، ايران، ميڪسيڪو، اٽلي، عراق ۽ سريلنڪا به شامل آهن. ياد رهي ته قطر ۾ 67 هزار کان وڌيڪ ڪورونا جا مريض آهن ۽ 400 کان مٿي مرندڙن جو انگ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو