ڊاڪٽر ڄامڙو سنڌي ادب جو باڪمال ڪردار، ابراهيم لاشاري

پنهنجي ديس جي سرزمين قدرت جي سمورن رنگ سان  قديم زماني کان وٺي سر شار لڳي پئي آئي ۽ هميشه سرسبز ۽ ستابي نظر ايندي رهندي ، پنهنجي وادي مهراڻ جي خيرپور ضلعي جي وڻندڙ خوبصورت خوشبوءَ واري مٽي جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي جي معزز شخصيت محترم لونگ خان ڄامڙي صاحب  کي اهو اعزاز رب سائين کان حاصل آهي ته پهرين آگسٽ سال 1972ع اڱاري ڏهاڙي اڄ کان 48 سال اڳ هڪ موتين جهڙي پٽ جي نعمت سان نوازيو جنهن جو والدين ڇٺي جو نالو ( ڪمال ) رکيو اڳتي هلي هي سانوري جسم جي سگهاري ۽ ذهين انسان سنڌي ادب ۾ پنهنجي نالي جي حيٽيت کي اجاگر ڪندي واقعي اڄ ڏينهن تائين سنڌي ادب ۽ سنڌي لوڪ ادب ۾ ڪمال جهڙو عظيم ڪم ڪري ڏيکاريو آهي سندس ادبي ڪيل ڪم جو جديد دور ۾ ڪو مٽ نظر نٿو اچي خيرپور جي درازا حضرت سچل سرمت جي نگري ڀر سان راڻيپور جي ڳوٺ گل محمد ڄامڙي ۾ موجود گورنمينٽ پرائمري اسڪول کي اهو اعزاز پڻ حاصل آهي ته جڏهن ڪمال الدين ڄامڙو صاحب پڙهڻ واري وهي کي پهتو ته هن پنهنجي اباڻي ڳوٺ واري اسڪول منجهان پنج درجا وڏي شوق سان پڙهي پورا ڪيا ، ڌرتي جي مورن جهڙي هن ذهين اديب ، شاعر ، محقق ، لوڪ ادب جو ڏاهو ، لطيف سرڪار جو پارکو ، محنت سان مئٽرڪ ۽ انٽر سائنس جو امتحان راڻيپور منجهان پاس ڪري وڌيڪ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ اباڻا ڪک ڇڏي وڃي ڪراچي وسايائين  پڙهائي سان وڌيڪ شغف رکندي (بي اي آنرز  ) جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي منجهان حاصل ڪيائين تعليم جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي محترم ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو سنڌي ادب منجهه (ايم اي سنڌي ) پڻ ڪراچي يونيورسٽي مان پاس ڪري ورتي بعد ۾ هي سنڌي ادب جو جاکوڙي ڪردار سال 1998ع ڌاري ڪراچي يونيورسٽي منجهه شاهه لطيف چيئر ۾ (ريسرچ آفيسر ) رهي لطيف سائين جي ڪلام تي ججهي انداز ۾ وڻندڙ ۽ ڪمال جو ڪم ڪري پنهنجو نالو سنڌي ادب ۾ نروار ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو سال 2000ع نئين صدي جي شروعات وارن ڏينهن ۾ سنڌي ادب جي محقق ، ليکڪ ، شاعر لطيف شناس پڙهڻ پڙهائڻ واري شعبي سان سلهاڙجي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري آگسٽ 2000ع ۾ (اسلاميه سائنس ڪاليج ڪراچي ) ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر پڻ ٿيو جتي هن محنت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو. تنهن بعد هن ذهين محقق ، ناليواري اديب لوڪ ادب تي هڪ بهترين مقالو ( سنڌو جا گيت ) لکي ڪراچي يونيورسٽي منجهان (پي ايڇ ڊي ) واري ڊگري پڻ حاصل ڪري سنڌي ادب جي جهول ۾ زبردست ڪمال جهڙي ڪوشش سان زينت ۾ وڌارو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس جو اهو مقالو ڪتابي صورت ۾ سنڌ حڪومت جي ثقافت ۽ سياحت کاتي سال 2008ع ۾ ڇپائي پڻ پڌرو ڪيو محترم ڪمال ڄامڙو صاحب جا سوين تحقيقي مقالا ، مضمون ، ۽ شاعري سنڌ جي مڙني اخبارن ۽ رسالن ، ميگزينس جي زينت بڻجندا رهن ٿا  هو مسلسل سنڌي ادب کي پنهنجي قلم جي نب سان ڪيترائي ڪتاب اڄ ڏينهن تائين ڏيندي ٿڪاوٽ محسوس نٿو ڪري هن سنڌ جي برجستي ليکڪ ،اديب ، محقق ڏهن ڪتابن کان مٿي سنڌي ادب جي دنيا ۾ ڪتاب ڏيندو رهي ٿو سندس ڪتابن جي فهرست هن طرح جڙي ٿي شاهه عبدالطيف ڀٽائي ۽ پاڪستاني ٻولين جا صوفي شاعر ، سنڌي ثقافت جا امر آواز ، لطيف ذهني چٽا ڀيٽي ، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي لغت ، مقالا سومرن جي دور قومي ادبي ڪانفرنس ، ڪراچي جا اديب ۽ شاعر ، تو لکيو مون پڙهيو ، سرڪيڏاري بابت لکيل مقالا ، سنڌو جا گيت ، رسالو ڳجهارت، لوڪ رنگ لقمان جا ، ڪتيم ڪينڪي ، شاهه عبدالطيف ڀٽائي اينڊ صوفي پوئٽس آف پاڪستان لنگوئيج ، ۽ سنڌي ثقافت ڪا نيا دور ،۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن سان هن وقت تائين سنڌي ادب کي آسودي ڪرڻ ۾ پاڻ ڪمال جو ادبي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي سنڌ جو هي ڏاهو اديب ڪيترن ئي اخبارن رسالن ، ميگزين جو ايڊيٽر ۽ سب ايڊيٽر واري ڪم سان به نڀائيدو پيو اچي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب پاڻ هڪ بهترين براڊڪاسٽر پڻ آهي ڪيترائي ورهيه هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي تان پنهنجي مٺڙي آواز ۽ ڏات سان ثقافتي، ادبي پروگرام ڪندي نظر پڻ آيو آهي پاڻ هن وقت سنڌي ثقافت ۽ لوڪ ادب لاءِ راتو ڏينهن پاڻ پتوڙيندي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب نظر اچي ٿو سنڌ ڌرتي جو هي ڏاهو اديب محقق هن وقت پڙهڻ ۽ پڙهائڻ واري شعبي سان وفاقي اردو يونيورسٽي ڪراچي منجهه سنڌي شعبي جو استاد طور پنهنجا فرض سرانجام ڏيندي نظر اچي ٿو برجستي ۽ نماڻي طبعيت جي هن محقق اديب کي جس آهي جو هو رات ڏينهن سنڌي ادب جي خدمت ۾ مصروف عمل آهي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب هن وقت ڪيترن ئي شاگردن جو سنڌي شعبي ۾ (ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ) جو گائيڊ پڻ آهي ڪيترائي شاگرد سندس کان هن وقت به فيضياب پڻ ٿيندا رهن ٿا منهنجي هن جاکوڙي اديب ، محقق ، ليکڪ ،لطيف شناس لاءِ دعا آهي ته هو سنڌي لوڪ ادب جي پنهنجي ڏاهپ ۽ ڏات سان اڃان وڌيڪ خدمت ڪندو رهي ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو صاحب اڄ پهرين آگسٽ 2020ڇنڇر عيد جي پرمسرت  واري ڏينهن هي نماڻي طبعيت ۽ حساس جذبن وارو اديب پنهنجي گهر واري عابده صاحبه ۽ پنهنجي اولاد سان گڏ ڪراچي واري گهر ۽ اڄ زندگي جي 48هين سالگرهه پڻ ملهائيندو  سندس سالگرهه ڏينهن سنڌ جا مڙئي اديب سندس کي جنم ڏڻ جون مبارڪون پڻ چوندا منهنجي هن سنڌ جي ڏاهي اديب لاءِ دعا ته رب سائين سندس صحت ۽ وڌيڪ سنڌي ادب ۽ قلم جي نب سان لکڻ جي سگهه عطاءَ ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو