لاڪ ڊائون ۾ پاپولر ٿيندڙ ايپ “زوم” جا دلچسپ فيچر

ڪراچي (امان الله سومرو) جيڪڏهن اوهان گھر ويٺي ڪم ڪندڙ آهيو ته ممڪن آهي اوهان کي زوم ايپ جي باري ۾ ڄاڻ ھجي، جيڪا ھن وقت وڊيو ڪال ذريعي رابطو ڪندڙن لاءِ ھڪ وڏو ذريعو بڻيل آهي.زوم ايپ ذريعي پاڻ سان گڏ ڪم ڪندڙ ساٿين سميت، دوستن، مٽن مائٽن توڙي جو ڪنهن به قسم جي ڪم لاءِ ڪنهن به ٻئي زوم يوزر سان وڊيو لنڪ ذريعي رابطو رکي سگھجي ٿو. دنيا اندر لاڪ ڊائون واري صورتحال باوجود پنهنجي زندگي سان وابسته ماڻهن سان گھر وٺي رابطو برقرار رکي سگھجي ٿو. زوم ايپ پنهنجي گراھڪن لاءِ ننڍي، وچولي توڙي وڏي گروپ طور استعمال لاءِ بغير ڪنهن خلل جي وڊيو ڪال جي سھولت پڻ ڏئي رھي آھي. زوم دراصل ھڪ ڪلائوڊ بيسڊ وڊيو ڪانفرنسنگ سروس آهي جنهن ذريعي اوهان ھڪ ٻئي سان حقيقي طور ملي سگهو ٿا، توڙي جو اوهان جو مقصد صرف آواز تائين محدود ھجي يا وري آواز سان گڏوگڏ وڊيو به، اھو سڀ لائيو چيٽ ذريعي ممڪن آهي ان سان گڏوگڏ اوهان ھڪ دفعو ٿيل ڳالهه ٻولهه کي ريڪارڊ ڪري ڪيترا ئي ڀيرا ڏسي سگهو ٿا. ھڪ رپورٽ مطابق 2019 ۾ زوم ايپليڪيشن 500 کان وڌيڪ ڪمپنين پاران استعمال ڪئي وئي. زوم ميزبان پاران بغير ڪنهن لمٽ جي ون ٽو ون ميٽنگ جي ميزباني ڪري سگهجي ٿي. ان مضمون تحت اوھان سبسڪرپشن خريد ڪري ھڪ ئي وقت 500 ساٿين جي ميزباني ڪري سگھو ٿا ٻي صورت ۾ مفت استعمال ڪندڙ زوم گراھڪ 100 مھمانن جي ميزباني ڪندي 40 منٽن تائين ميٽنگ جاري رکي سگهن ٿا. ون ٽو ون توڙي جو گروپ جي ميزباني دوران ڪو به يوزر پنهنجي مھمان سان پنهنجي اسڪرين پڻ شيئر ڪري سگهي ٿو جنهن لاءِ ھو پنهنجي مھمان کي اجازت ڏيندو ته ھو اُھو ڪجهه ڏسي سگهي جيڪو توهان پنهنجي اسڪرين تي ڏسي رھيا آھيو. زوم يوزر اندروني توڙي بيروني ملڪ ميٽنگ لاءِ ون ٽو ون چيٽ سيشن ذريعي گروپ ڪال، ٽريننگ سيشن ۽ ويبينار ارينج ڪري سگهجن ٿا جنهن دوران ھڪ ھزار يوزرس جي ميزباني سان گڏوگڏ 49 آن اسڪرين وڊيوز پڻ ڏسي سگهجن ٿيون. جيتوڻيڪ مفت ۾ ميزباني ڪندڙ يوزر لاءِ لاتعداد ون ٽو ون ميٽنگ اندر 100 مھمان (يوزرس) سان 40 منٽن تائين بغير ڪنهن وقفي جي ميٽنگ جاري رکي سگهي ٿو. ھڪ مھيني لاءِ پيڊ پلان جي فيس لڳ ڀڳ 15 آمريڪي ڊالر رکي وئي آهي. زوم فري جا ميزبان ڪيترن ئي يوزرس سان چاليھ منٽن تائين لامحدود ڪالز ڪري سگهن ٿا جنهن ۾ ڪال رڪارڊنگ شامل ناهي. زوم پرو لاءِ ميزبان 14.99 آمريڪي ڊالر ماهوار فيس ڀرڻ بعد ان قابل ٿئي ٿو ته ھو پنھنجي آئي ڊي ٺاهي لڳاتار زوم ميٽنگز ڪري ڪلائوڊ يا وري پنهنجي ڊوائيس تي ڪال رڪارڊ اسٽور ڪري سگهي پر تنهن باوجود رڳو چوويهه ڪلاڪن تائين ميٽنگ ڪري سگهي ٿو. زوم بزنس صف جا ميزبان ماهوار 19.99 آمريڪي ڊالرن عيوض زوم ميٽنگز دوران يو آر ايل ذريعي پنهنجي برانڊ جي مشهوري سان گڏوگڏ ڪلائوڊ تي رڪارڊ ڪيل ميٽنگز جي ڪاپي پڻ حاصل ڪري سگهن ٿا. ان سان گڏوگڏ زوم پنهنجي بزنس پلان استعمال ڪندڙ گراھڪن کي مخصوص گراھڪ طور مدد پڻ فراهم ڪندي آهي. زوم انٽرپرائيز ھيٺ ساڳيو ئي ماھوار 19.99 آمريڪي ڊالرن عيوض ھر ميٽنگ (گھٽ ۾ گھٽ 100) ماڻهن جي ميزباني ڪري سگهجي ٿي جيڪا ڪاروباري لحاظ کان ھزار کان وڌيڪ ملازمن تي مشتمل ھجي. اگر توهان زوم روم استعمال ڪرڻ متعلق سوچي رھيا آھيو ته پوءِ توهان کي 30 ڏينهن لاءِ تجرباتي طور زوم پاران مفت استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. تنهن کان بعد زوم روم وڌيڪ استعمال لاءِ اوهان کي ماھوار 49 آمريڪي ڊالر فيس چارج ڪندي، جيتوڻيڪ ويبينار جي ميزباني لاءِ آمريڪي 40 ڊالر فيس رکي وئي آهي. ونڊوز ۽ ميڪ ذريعي زوم استعمال ڪندڙن لاءِ ڊيسڪ ٽاپ ايپ جڏهن ته اينڊرائڊ ۽ آئي او ايس لاءِ موبائيل ايپ متعارف ڪرائي وئي آهي. ايپليڪيشن ڊائون لوڊ بعد سائن ان ٿيڻ بغير توهان ميٽنگ شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ شامل ٿي پنھنجي آئي ڊي ڏئي زوم روم سان پنهنجي اسڪرين شيئر ڪري سگهو ٿا جڏهن ته فيس بوڪ، ايس ايس او، گوگل ۽ زوم اڪائونٽ ذريعي به اوھان سائن ان ٿي سگهو ٿا. زوم ميٽنگ دوران اوهان پنهنجو آواز بند ۽ کولڻ سان گڏوگڏ وڊيو کي ھلائي ۽ بيھاري سگهو ٿا. اگر توهان انٽرپرائيز، بزنس يا پرو يوزر آھيو ته آساني سان ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪري پنهنجي تازي اي ميل آئي ڊي ذريعي ڪمپيوٽر ڊيسڪ ٽاپ تي سائن اپ ٿي سگهو ٿا جنهن بعد ڪمپيوٽر ۾ موجود ڪيلينڊر کي زوم ايپليڪيشن سان سان لنڪ ڪرائي ڪڏهن به ايندڙ وقت ۾ ميٽنگ طئي ڪري سگهو ٿا. اگر توهان زوم روم پيڊ يوزر آھيو ته پوءِ ڪنهن به ميٽنگ لاءِ ڪمپيوٽر ذريعي سنڪ ڪري سگهو ٿا. توهان جي شروع ڪيل ميٽنگ لاءِ ٽيبلٽ ڊوائس ذريعي مھمان ٿي سگهجي ٿو. ان سان گڏوگڏ اوهان کي ضرورت پوندي ھڪ عدد مائڪرو فون، ڪيمرا، اسپيڪر، ايڇ ڊي ٽي وي مانيٽر جنهن ذريعي اوهان ميٽنگ کي ڏسپلي ڏئي سگهندو، ڪمپيوٽر ۽ ايڇ ڊي  ٽي وي کي جوڙڻ لاءِ ھڪ ايڇ ڊي ايم آئي ڪيبل ۽ آخر ۾ انٽر نيٽ ڪنيڪشن جنهن ذريعي زوم ميٽنگ ڪرڻ عمل ۾ اچي سگھبي. ان سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر تي ڪانفرنس لاءِ زوم روم ڊائون لوڊ  ڪرڻو پوندو جڏهن ته ٽيبلٽ يوزر لاءِ زوم روم ڪنٽرولر سجيسٽ ڪيو ويو آهي جنهن بعد زوم زوم کي ڪمپني جي شيئر ڪيل ڪئلينڊر سان ڳنڍيو ويندو جنهن ذريعي اوھان جا زوم روم ڪانفرنس جا مھمان ڏسي سگھندا ته ڪھڙو روم خالي آهي ته جيئن ڪانفرنس ۾ شموليت ڪري سگهجي. زوم ذريعي وڊيو ڪال پڻ رڪارڊ ڪري سگھجي ٿي. ان لاءِ اوهان کي بطور مھمان اجازت پڻ ضرور وٺڻي پوندي، ان لاءِ ميزبان کي رڪارڊنگ سيٽنگ به آن ڪرڻي پوندي ۽ ميزبان کي وڊيو رڪارڊنگ لاءِ ضروري آهي ته ھو شروعات ۾ ئي رڪارڊنگ سيٽنگ آن ڪري ڇڏي. پنهنجي زوم آڪائونٽ تان لاگ ان ڪيو، اڪائونٽ يا وري ويو سيٽنگ تائين اچو، آخر ۾ رڪارڊنگ ٽيب کي نيويگيٽ ڪري وڊيو رڪارڊنگ جو بٽڻ ھلائي ڇڏيو. ڪنهن به گروپ لاءِ اھو لازمي آهي ته رڪارڊنگ جي اجازت پڻ ڇڙو ميزبان ئي ڏئي سگهي ٿو. ان سان گڏوگڏ اوهان کي اھو به ضرور طئي ڪرڻو پوندو آهي ته رڪارڊنگ توهان جي ذاتي ڊوائس تي ٿي يا ڪلائوڊ تي. زوم ورچوئل بيڪ گرائونڊ ذريعي اوهان آئي فون توڙي ڊيسڪ ٽاپ جي بيڪ گرائونڊ تصوير تبديل ڪري پنهنجي من پسند تصوير رکي سگهو ٿا جھڙي طرح توهان ڪنهن به موبائيل فون يا وري ڪمپيوٽر تي پھريان ڪندا آهيو. ڪمپيوٽر ڊيسڪ ٽاپ ۽ ميڪ تي موجود زوم ڪلائينٽ آپشن کولي سائيڊ ۾ موجود سيٽنگ ذريعي ورچوئل بيڪ گرائونڊ سليڪٽ ڪيو. اڪائونٽ تي لاگ ان ٿيڻ کانپوءِ موبائل جي اسڪرين تي ھيٺ موجود ٽن ٽٻڪن تي ڪلڪ ڪرڻ بعد “مور” مينيو آپشن سليڪٽ ڪرڻ بعد ورچوئل بيڪ گرائونڊ ذريعي اوهان پنهنجي مرضي جي بيڪ گرائونڊ رکي سگهو ٿا. زوم جي گيلري ويو ذريعي ھڪ ئي وقت ۾  49 ميٽنگ مھمان ڏسي سگهجن ٿا، جڏهن ته ڪمپني ڊيفالٽ ويو ذريعي لڳ ڀڳ 25 مھمان ڏسي سگهجن ٿا ۽ ان جو دارومدار اوهان جي زير استعمال ڊوائس تي پڻ آهي. ونڊوز ڊيسڪ ٽاپ يا وري ميڪ تي زوم ڊيسڪ ٽاپ ڪلائينٽ ھجڻ بعد اگر توهان 49 ويوز ڏسڻ چاهيو ٿا ته پوءِ ھن ريت سيٽنگ ترتيب آڻيو، جھڙوڪ سيٽنگ آپشن تي وڃي ڪري وڊيو تي ڪلڪ ڪرڻ سان وڊيو سيٽنگ کلڻ بعد ” ڊسپلي اپ ٽو 49 پارٽيسپينٽش پر اسڪرين ان گيلري ويو” آپريشن کي ان ايبل ڪري ڇڏيو. زوم پنهنجي صارفين لاءِ اسڪرين شيئر سان گڏوگڏ پاز شيئرنگ جي صحولت پڻ ڏئي رھيو آھي ته جيئن ڪنهن يوزر جي غير ضروري چر پر دوران ھلندڙ ميٽنگ متاٽر نه ٿي سگهي زوم ميٽنگز دوران ھڪ ٻئي سان فائل شيئر ڪرڻ سان گڏوگڏ وائٽ بورڊ آپشن ذريعي پنهنجي مھمان يا وري ميزبان کي ڪمينٽس پڻ اماڻي سگهجن ٿا. شيئرڊ اسڪرين دوران ھڪ ٻئي کي انوٽيٽ پڻ ڪري سگھجي ٿو جنهن لاءِ زوم ونڊو جي مٿانھين پاسي تي ويو آپشن ذريعي انوٽيٽ سليڪٽ ڪرڻ سان ھڪ ٽول بار اچي ويندو بعد ۾ اوهان مرضي مطابق ڪجهه لکي، ڇاپي يا ڪو آئڪن پڻ استعمال ڪري سگهو ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو