سوا ڪروڙ ماليت جو راشن تقسيم، بدنظمي عروج تي

سکر (جيرام داس )راشن ورهائڻ جي موقعي تي سنگين بدانتظامي لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي سوڌو سوين غريب خاندانن جي زندگين کي داءُ تي لڳائي ڇڏيو: ميونسپل اسٽيڊيم ۾ اٽڪل سوا ڪروڙ رُپين جو راشن ڪورونا کان بچاءُ جي انتظامن بنا سٿي رکيو ويو. اسٽيڊيم ٻاهران عورتن سوڌو وڏي هجوم ۾ گڏ ٿيل ماڻهن کي پوليس ۽ رينجرز ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. ميئر ارسلان شيخ بدانتظامي جي ذميواري سوشل ميڊيا تي مڙهيندي چيو آهي ته رش کان بچڻ لاءِ راشن ڳجهي نموني ورهائڻ جو فيصلو ٿيو هو، لڳي ٿو سوشل ميڊيا تي ڳالهه کُلي ۽ وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا. هن وڌيڪ چيو تـ اهڙا فنڊ مخير ماڻهن ۽ يونين ڪاميٽي ميمبرن طرفان ڏنا ويا جن ۾ کاڌ خوراڪ وارو سامان اٽي جو 52 سئو ٿيلهيون ، کنڊ، چانور، داليون ۽ گيهـ شامل آهن. جيڪي پورهيت طبقي جهڙوڪ يتيم، بيواهـ، ۽ معزورن کي ڏنو ويندو. ميئر سکر موجب سوا ڪروڙ جي امداد گڏ ٿي آهي. هن ٻڌايو ته هڪ فيملي نالو ظاهر نه ڪرڻ تي 50 لک غريبن ۽ حقدارن لاءِ ڏنا آهن، يو سي ميمبرن  اڍائي لک ۽ اوتري ئي رقم ميونسپل ڪارپوريشن فنڊ ۾ ڏني آهي. اهڙي طرح سنڌ حڪومت پاران اعلان ڪيل فنڊ ملڻ کانپوءِ غريبن ۾ وڌيڪ امداد ورهائي ويندي. گڏ ڪيل سامان بدنظمي بعد ٿورو ٿورو ڪري ورهايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو