ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ رت جي عطيي لاءِ ڪيمپ

سڪرنڊ (راج ڪماراوڏ) ڪورونا وائرس سبب لاڪ ڊائون ٿيڻ بعد ٿيليسميا جي مريض ٻارڙن لاءِ رت جي کوٽ ھئڻ ڪري ٻارڙن جون زندگيون داءُ تي هئڻ بعد پ پ پ سٽي جي صدر امتياز احمد راهو پاران سڪرنڊ لڳ ڳوٺ دين محمد راهو ۾ بلڊ ڪيمپ لڳائي وئي جنهن ۾ امداد گروپ جي نوجوانن رت جو عطيو جمع ڪرايو ان موقعي تي امتياز راهو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته انسانيت جي خدمت تحت ڪيمپ لڳائي آهي خاص ڪري ڪورونا وائرس جي ڪري رت جي کوٽ ۽ بلڊ ڪيمپن تي پابندي ۽ رش سبب ماڻھن جي هڪ هنڌ  گڏ نه ٿيڻ تي رت جي رسائي نه هئڻ ڪري ٿيليسميا جي ٻارن جي زندگي کي خطرو هو .

پهنجو تبصرو موڪليو