غريب مزدورن جي گهرن ۾ پڪل کاڌو تقسيم

پڊعيدن(مجاهدشر)پوري سنڌ جيان پڊعيدن ۾ چوٿين ڏينهن به ڪرونا وائرس جي وبا کان بچڻ لاء ڪيل لاڪ ڊائون سبب ڪيترائي ڏهاڙيدار پريشان آهن. جن کي گهرن ۾ کاڌو پهچائڻ جو ٻئي ڏينهن به سلسلو جاري آهي. شھرين بهادر چنه،  قاري غلام رسول شيخ، شاھد چنه ۽ زاهد چنه پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻئي ڏينهن به 70  کان وڌيڪ بي پهچ مسڪينن غريبن کي  گھرن تي کاڌو پهچايو ويو. کاڌي ۾ ماني ڀاڄي ۽ چانور شامل هئا. هنن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت لاڪ ڊائون جو حڪم ته ڏئي ڇڏيو پر روزاني پورهيو ڪري گھر جو گاڏو هلائيندڙ مسڪينن لاءِ راشن ڏيڻ جو بندوبست نه ڪيو. هنن چيو ته اسان هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آھي الله پاڪ جي رضا لاءِ غريبن کي کاڌو کارائي دل خوش ٿي وئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو