ڪورونا جو ڦهلاءَ نه رڪجي سگهيو، دنيا ۾ 22 هزار کان مٿي فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ تيزي سان جاري آهي ۽ وائرس ۾ مبتلا ماڻهن جو انگ پوڻا پنج لک کان مٿي ٿي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن ۾ دنيا ۾ 747 ماڻهو فوت ٿيا آهن. ڪورونا سبب برطانوي سفارتڪار، آمريڪي شيف ۽ پاڪستاني فوجي جرنيل جي پٽ سميت 3 پاڪستاني آمريڪا ۾ مري ويا آهن. دنيا ۾ ڪورونا سبب مرندڙن جو انگ 22 هزار کان وڌي ويو آهي جڏهن ته هڪ لک 17 هزار کان مٿي ماڻهو جيڪي وائرس جو شڪار هئا، اهي ٺيڪ ٿي ويا آهن. دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ مرندڙن جو انگ اٽلي م آهي جن جو تعداد ساڍن 7 هزارن کان مٿي ٿي ويو آهي، ٻئي نمبر تي اسپين آهي جتي 4هزار کان مٿي ماڻهو مري ويا آهن، سپين م گزريل 24 ڪلاڪن ۾ 442 ماڻهو فوت ٿيا آهن. ايران ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 157 مانهو مرڻ بعد سندن انگ 2200 کان مٿي ٿي ويو آهي. بيلجيم ۾ 42، جرمني ۾ 16 ۽ سوئزرلينڊ ۾ 12 ماڻهو مئا آهن. پاڪستان ۾ 43 نوان ڪيس سامهون اچڻ بعد وائرس ۾ مبتلا مانهن جو انگ 1106 ٿي ويو آهي مرندڙن جو انگ 8 آهي. 21 ماڻهو صحتياب ٿي ويا آهن 5 مريضن جي حالت نازڪ آهي. سنڌ ۾ لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙي تي 407 کان مٿي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن جن مان رڳو ڪراچي ۾ پڪريلن جو انگ 259 آهي، حيدرآباد ۾ 70، ميرپورخاص ۾ 10، بينظير آباد ۾ 9، سکر ۾ 43 ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ 16 ماڻهو گرفتار ڪيا ويا آهن. برطانوي اخبار دي ٽيليگراف موجب اٽلي ۾ هڪ نرس ڊينيلا تريزي جيڪا ڪورونا وائرس جي مريضن جو علاج ڪري رهي هئي، وائرس ۾ مبتلا ٿيڻ بعد ذهني دٻاءَ ۾ اچي خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. برطانيا جي گارجين اخبار موجب هنگري ۾ تعينات برطانوي سفارتڪار اسٽيون ڊڪ ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو آهي. آمريڪا م هڪ هزار کان مٿي ماڻهو مئا آهن،آمريڪا جو مشهور شيف 59 سالن جو فلوئيڊ ڪارڊوز به چند ڏينهن ڪورونا وائرس ۾ مبتلا رهڻ بعد فوت ٿي ويو آهي.ڪورونا سبب آمريڪا ۾ مري ويلن ۾ 3 پاڪستاني به شامل آهن جن مان هڪ 26 سالن جو نوجوان رحمان شڪر آءِ ايم ايف ۾ نوڪري ڪندو هو سندس والد برگيڊيئر (ر) عرفان شڪر اسلام آباد جي هڪ يونيورسٽي سان لاڳاپيل آهي جڏهن ته فوتي جي والده ميجر جنرل عبيرا شڪر فوج ۾ گائناڪولوجسٽ آهي. نيويارڪ ۾ رهندڙ حاجي اقبال وڙائچ ۽ نيويارڪ ۾ رهندڙ هڪ پاڪستاني عورت به فوتين ۾ شامل آهن. وڙائچ پاڪستان توڙي آمريڪا جي خيراتي ادارن کي چندا به ڏيندو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو