ڊي سي گهوٽڪي جو لاڪ ڊائون تي عمل لاءِ انوکو حڪم

گھوٽڪي(سليم فضل ڪلهوڙو) وزيراعلي سنڌ جي هدايتن تحت لاڪ ڊائون تي سختي سان عمل ڪرائڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر گهوٽڪي انوکو حڪم جاري ڪيو آهي. ڊي سي محمد خالد سليم چيو آهي ته شهرن ۾ ايندڙ ماڻهن جي آڱرين تي نشاني ڪئي وڃي جيئن ساڳيو ماڻهو هر هر گهر کان ٻاهر نه اچي. خلاف ورزي ڪندڙ تي ڪيس داخل ڪري کيس لاڪپ ڪيو وڃي. هن انتظاميا ۽ پوليس کي چيو آهي ته ڪنهن به دڪان يا سبزي واري وٽ هجوم جي شڪل ۾ خريداري تي پابندي هڻو ۽ ڪنهن دوڪان وڌيڪ ماڻهن جي صورت ۾ کين پري پري بيهاريو وڃي. هن هڪ ٻئي حڪم ذريعي سنڌ ايپيڊيمڪ ايڪٽ 2014 جي سيڪشن  3 تحت هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ضلعي گهوٽڪي ۾ بيڪريون ۽ مٺائي جا دوڪان کولڻ تي ايندڙ حڪم تائين فوري طور پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو