دنيا ۾ سڀ کان وڏو ۽ مهانگو گهر ڪنهن جو آهي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته سندس جو وڏو ۽ ڪشادو گهر هجي. اها حسرت 1000 فٽ واري کي 5 هزار فٽ جي هوندي ۽ 5 هزار فٽن جي گهر واري کي 10 هزار اسڪوائر فٽ جي حسرت ٿي سگهي ٿي ۽ ان کي وري 20 هزار اسڪوائر فٽ جي گهر جي خواهش ٿي سگهي ٿي. ڇا اوهان کي معلوم آهي دنيا ۾ هڪ شخص اهڙو به آهي جنهن جو گهر ان کان به 200 سيڪڙو وڏو آهي. جي ها ڀارت جي سڀني کان وڌيڪ امير ترين شخص مڪيش امباڻي وٽ دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو گهر آهي.

Photo courtesy wikimedia

5 ڀاتين جي ڪٽنب وٽ آسمان سان ڇهندڙ 27 ماڙ عمارت وارو گهر آهي. مڪيش انباڻي سنڌي آهي ۽ سندس وڏا ورهاڱي وقت هندوستان لڏي ويا هئا. جنهن ۾6 فلور پارڪنگ لاءِ آهن جتي 200 گاڏين جي پارڪنگ ڪري سگهجي ٿي. هڪ ئي وقت 3 هيليڪاپٽر لينڊ ڪرڻ لاءِ هيلي پيڊ ٺهيل آهن. “انتيليا” نالي هي گهر 2010 ۾ تعمير ٿيو ۽ هن وقت به ڪنهن شخص جو دنيا ۾ وڏو وڏو گهر آهي، جيڪو 4لک چورس فٽن تي مشتمل آهي. گهر جي 24 ڪلاڪ سار سنڀار لاءِ 600 ملازم آهن ۽ سندس گهر دنيا جو مهانگو ترين گهر به آهي جنهن جي ماليت هڪ ارب ڊالر آهي. سندس گهر جو نقشو شڪاگو جي هڪ فرم ٺاهيو ۽ گهر جي تعمير آسٽريليوي ڪنسٽرڪشن ڪمپني ڪئي. هن گهر جي ڇتيون تمام اونچيون آهن ۽ عمارت جي بلندي 550 فٽ آهي. جيڪڏهن معمول جي ڇت ماپ کي نظر ۾ رکبو ته هي 60 ماڙ جي عام عمارت جيترو بلند لڳندو. گهر ۾ اوپن لان، 50 سيٽن واري سئنيما، سوئمنگ پول ۽ مهمانن لاءِ ڌار رهائشي پورشن به آهن.

دنيا ۾ سڀ کان وڏو ۽ مهانگو گهر ڪنهن جو آهي؟” هڪ تبصرو

  1. دنيا جي وڏي گھر واري مضمون ۾. غلط ڄاڻ ڏنل آهي. مڪيش امباڻي سنڌي ناهي بلڪه گجراتي آهي. اڻي واريون ذاتيون گجراتين جون بہ ٿينديون آهن. مھرباني ڪري درستگي فرمائيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو