قاسم سليماني جو جنازو پڙهائيندڙ پاڪستاني عالم ڪير آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عراق ۾ آمريڪي حملي ۾ انتقال ڪري ويل ايراني جنرل قاسم سليماني جي جنازي نماز ۾ جلوسن جي شڪل ۾ لکين ماڻهن شرڪت ڪئي. ان جي ميت ايران پهچڻ کان پوءِ تهران ۾ ان جي نماز جنازه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنائي پڙهائي. ليڪن ڇا توهان ڄاڻو ٿا ته جڏهن ڇنڇر واري ڏينهن عراق ۾ ان جي نماز جنازه ادا ڪئي وئي ته ان جي امامت ڪندڙ ڪهڙو پاڪستاني شخص هيو. نجف ۾ جنرل سيلماني جي نماز جنازه 78 سالن جي آيت الله حافظ بشير حسين نجفي پڙهائي جن جو شمار عراق جي اهم ترين مذهبي شخصيتن ۾ ٿئي ٿو ۽ هو نجف ۾ شيعا اثنا عشري جو اهم مراجع (مجتهد) مان هڪ آهي. مرجع يا مرجع تقليد جو مقام شيعا اسلام ۾ اهڙي علماءِ کي ڏنو ويندو آهي جنهن کي ٻين علمائن ۽ عام شيعن جي رهنمائي لاءِ اسلامي قانون تحت قانوني فيصلي ڪرڻ جو حق هجي. آيت الله حافظ بشير حسين النجفي جو جنم برصغير جي ورهاڱي کان اڳ ٿيو ۽ قيام پاڪستان وقت ان جو والد جالنڌر کان لاهور ويجهو واقع باٽاپور منتقل ٿيو.

Photo courtesy www.alnajafi.com

هن عربي گرامر ۽ فقه جي ابتدائي تعليم پنهنجي ڏاڏي محمد ابراهيم ۽ چاچي خادم حسين کان حاصل ڪئي ۽ پوءِ لاهور ۾ جامعه منتظر ۾ آيت الله اختر عباس قدس جي نگراني ۾ تعليم حاصل ڪئي جنهن کان پوءِ هو پاڻ پڙهائڻ لڳو. آيت الله حافظ بشير حسين نجفي جو ڀاءُ علام عابد حسين به عالم هيو جڏهن ته 2 ڀائر شاعري به ڪندا هئا. 1960 جي دور ۾ حافظ بشير حسين نجفي عراق پهچي جتي نجف ۾ هن آيت الله محمد ڪاظم تبريزي، آيت الله سيد محمد روحاني، آيت الله سيد ابوالقاسم خوئي جهڙن نامور علماءِ اڪرام کان اصول ۽ فقه جو درس حاصل ڪيو. نجف اشرف ۾ اسلام جي چوٿين خليفي ۽ پيغمبر اسلام جي داماد حضرت علي عليه السلام جي مزار آهي ۽ ان جو شمار شعين جي مقدس مقامن ۾ ٿئي ٿو. شيعت جي ديني تعليم لاءِ عراق ۾ نجف ۽ ايران ۾ قُم کي مرڪزي مقام حاصل آهي جتي مستقبل جي شيعا علماءَ کي تعليم ڏني ويندي آهي. مراجع حافظ بشير جي ذاتي ويب سائيٽ مطابق هن سن 1966 ۾ نجف ۾ حوزه علميه ۾ تدريس جو باقاعده آغاز ڪيو ۽ مختلف ادبي، منطقي، فلسفي، اصولي ۽ فقهي علم جي تعليم ڏيندو رهيو. نجف ۾ حوزه علميه نالي ابوجعفر محمد بن حسن طوسي 10هين صدي عيسوي ۾ قائم ٿي. آيت الله بشير نجفي ان درسگاهه سان وابسطه آهي جنهن پنهنجي زندگي اُتان لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. عراقي صدر صدام حسين جي حڪومتي دور ۾ ان درسگاهه تي حملي ۾ بشير نجفي زخمي ٿيو هو. آيت الله بشير نجفي جو هڪ ڀاءُ، وڏو پٽ ۽ خاندان جا ٻيا ڀاتي پاڪستان ۾ رهائش پذير آهن ليڪن پاڪستان ۾ ان جو نمائندو علامه سبطين سبزواري مطابق آيت الله نجفي جڏهن کان عراق ويو آهي ته هن ڪڏهن به واپس پاڪستان جو دورو ناهي ڪيو. هن چيو ته اسان جي حسرت آهي ته هو هڪ ڀيرو پاڪستان ضرور اچي جڏهن کان ويو آهي هن هتان جو رُخ ئي ناهي ڪيو. ان عرصي ۾ ان جو والد، چاچو، وڏو ڀاءُ ۽ ڀينرون به فوت ٿي چڪيون آهن پر هو پاڪستان نه آيو. سبطين سبزواري جو چوڻ هو ته ظاهر آهي ته هو جيڪڏهن هتي اچي ها ته ان مقام تي نه پهچي ها ان لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن.

مراجع جو ڪردار اتي ويهي ادا ڪري سگهي ٿو. اُتان نڪرڻ کان پوءِ نه ٿو ڪري سگهجي. افغانستان ۽ پاڪستان ۾ ڪجه آيت الله آيا پر ملڪي سطح تي انهن جي فتويٰ ته هلي سگهي ٿي پر دنيا ۾ انهن کي اهڙو اعزاز حاصل ناهي. نجف ۾ ويهي ڪري مذهبي ۽ سياسي حوالي سان ان جو ڪردار تمام وڏو هوندو آهي. علامه سبطين سبزواري بي بي سي کي ٻڌايو ته ان جو وڏو پٽ انجنيئر آهي جڏهن ته ننڍو پٽ دبئي ۾ واپار سان لاڳاپيل آهي جڏهن ته 2 پٽ عالم دين آهن جن ۾ شيخ علي النجفي پنهنجي والد جو ترجمان به آهن. مذهبي اهميت کان علاوهه خطي جي سياست تي مشاورت جي معاملي ۾ به آيت الله بشير نجفي کي اهم مقام حاصل رهيو آهي. گذريل سال ايران جي صدر حسن روحاني به ان سان ملاقات ڪئي هئي. ان کان اڳ سن 2016 ۾ آيت الله بشير ۽ جمعي تي آمريڪي حملي ۾ قاسم سليماني سان گڏ فوت ٿيندڙ عراقي ڪمانڊر ابو مهدي مهندس جي ملاقات جي هڪ تصوير به سامهون آئي هئي. اطلاع مطابق ان ملاقات ۾ آيت الله بشير نجفي هن کي هدايت ڪئي ته عراق کي داعش کان صاف ڪيو وڃي. آيت الله بشير قاسم سليماني ۽ ابوسعيد مهندس جي مارجڻ کان پوءِ پنهنجي بيان ۾ ان ٻنهي شخصيتن کي هيرو قرار ڏيندي عراق جي حدن جي خلاف ورزي، خود مختياري ۽ بين الاقوامي معاهدن جي خلاف ورزي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته اهو عمل قابل مذمت آهي جو عراق کي جنگ جو ميدان بڻايو ويو. آيت الله بشير نجفي ڪيترن ئي ڪتابن جو مصنف به آهي هن يتيم خانن، تعليمي ادارن سميت مختلف فلاحي ادارن جي سرپرستي به ڪندو آهي ۽ خصوصن صدام حسين جي حڪومتي دور کان پوءِ هن مدرسن ۽ امام بارگاهن جي تعمير لاءِ خصوصي توجهه ڏني جيڪي صدام واري دوري ۾ متاثر ٿيا هئا. (بشڪريه بي بي سي رپورٽ رياض سهيل)

قاسم سليماني جو جنازو پڙهائيندڙ پاڪستاني عالم ڪير آهي؟” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو