50 رپيا ماليت جو سڪو جاري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ جي گولڊن جوبلي جي موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان 50 رپين جي ماليت جا يادگاري سڪا جاري ڪري ڇڏيا. شهري 17 مارچ کان اسٽيٽ بئنڪ جي سروسز ڪارپوريشن جي فيلڊ آفيسن مان اهي سڪا حاصل ڪري سگهن ٿا.سينيٽ پاڪستان جي عمر 50 سال ٿي ته اسٽيٽ بئنڪ عوام جي نمائنده اداري جي اهميت اجاڳر ڪرڻ لاءِ اڄ کان اهو سڪو جاري ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو