5 هزار اسڪول بند ٿيندا، استاد ميرٽ تي ڀرتي ڪبا، سردار شاهه

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ غيرفعال بڻيل 5 هزار اسڪولن کي ختم ڪيو ويندو، 3600 اسڪولن بابت ڪجهه ڏينهن دوران اخبارن ۾ اشتهار هلايا ويندا. اسڪولن جا سيميس ڪوڊ ختم ڪيا ويندا پوءِ اهي بلڊنگس ڀلي جانورن جي اسپتال يا ڊسپينسري لاءِ استعمال ٿين. هن چيو ته ٻارن کي اهو نصاب پڙهايو پيو وڃي جنهن جو جديد دور سان ڪو تعلق ئي نه آهي. نصاب کي ماڊرن لائيف مطابق تبديل ڪيو ويندو. سردار شاهه چيو ته آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 13 هزار اميدوار ميرٽ تي پاس ٿيا آهن، سڀئي غريبن جا ٻار آهن. پاس ٿيل اميدوارن مان ڪو به ايم اين اي، ايم پي اي توڙي وزير يا سيڪريٽري جو پٽ ۽ مٽ مائٽ نه آهي، 50 هزار نوڪرين مان جيڪڏهن 10 هزار نوڪريون سفارش تي ڏنيون وڃن ها تڏهن به ان معاملي جي ڪنهن کي خبر نه پئجي سگهي ها. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير مراد علي شاهه جي سختي سان هدايت آهي ته ٿرڊ پارٽي کي چڱي ريت ڏٺو وڃي ته جيئن ميرٽ تي استاد مقرر ٿي سگهن.

پهنجو تبصرو موڪليو