250ڪابينا پاران ڊيزل هائبرڊ بسن جي خريداري جي منظوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ ڪابينا 250 ڊيزل هائبرڊ بسون خريدڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هي بسون پيپلز بس سروس انٽرا ڊسٽرڪٽ منصوبي هيٺ هلنديون، ان بابت معاهدو سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ آر ٽي سي وچ ۾ آڪٽوبر ۾ ٿي چڪو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگار، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي، پرنسپل سيڪريٽري ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سيڙپڪاري، آبادي ۽ ٽرانسپورٽ کاتي جي ترقياتي پورٽ فوليوز جو جائزو ورتو ويو. اين ايف سي جي ٻن سالن جي نگراني رپورٽ، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن کاتي کان لوڪل ڪائونسل ڏانهن پراپرٽي ٽيڪس جي منتقلي، ايم بي بي ايس / بي ڊي ايس ۾ داخلا جو مسئلو، پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ مختلف کاتن جي قانونن ۾ ترميم جي مسودن جي منظوري ڏني وئي. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چنا ٻڌايو ته اجلاس ۾ گذريل ڪابينا جي منٽس جي منظوري به ڏني وئي. سنڌ ري پروڊڪٽو هيلٿ ڪيئر رائيٽس ايڪٽ 2019 ۾ ترميم جي منظوري به ڏني وئي، سپريم ڪورٽ شادي کان اڳ فيملي پلاننگ بابت مشاورت نڪاح جي رجسٽريشن لاءِ لازمي قرار ڏني آهي. ان ۾ شادي ۽ فيملي پلاننگ بابت مشاورت، نڪاح جي رجسٽريشن، ٽيلي هيلٿ سيلف ڪيئر ۽ زچگي، والدين جي موت جي نگراني جي ترميم به شامل آهي، ڪابينا اها ترميم منظور ڪدي اسمبلي ڏانهن موڪلڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ٻن سالن  جي اين ايف سي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو ته او زيڊ ٽي جي مد ۾20-2020 ۾ 1162.041 بلين رپيا ملڻا آهن پر جولاءِ کان ڊسمبر تائين 7.669 ارب روپيا وصول ٿيا. جولاءِ کان ڊسمبر تائين 2020 ۾ 2.829 ارب روپيا مليا، قدرتي گيس جي رائلٽي جي مد ۾ 16.035 ارب ۽ گيس ڊولپمينٽ سرچارج جي مد ۾ 1.429 ارب مليا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جولاءِ کان دسمبر 2020 تائين خام تيل جي رائلٽي جي مد ۾ 285.281 ارب روپيا مليا، سنڌ ڪابينا اها ٻن سالن واري رپورٽ سنڌ اسمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري به ڏني. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مڪاني ادارن کي مضبوط ڪرڻو آهي ۽ ميونسپل جو ڪم ٿرڊ پارٽي کي ڏيڻو آهي جيئن شهرن جا مسئلا حل ٿين. ڪابينا سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن ايڪٽ 1992 هيٺ ٺاهيل رولز جي منظوري به ڏني جنهن موجب فائونڊيشن سروس موجب سندن مقرري، ترقيون، پگهار، الائونس ۽ سينارٽي به شامل هوندي. اجلاس ۾ ٿيليسيميا ۽ هيموگلوبينوپيٿي فائونڊيشن قائم ڪرڻ جي منظوري به ڏني، هي ادارو ٿيليسيميا کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪندو، سيڪريٽري صحت ان جو چيئرمين هوندو ۽ فائونڊيشن جا 11 ميمبر هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو