25 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن هڪ ڀيرو ٻيهر 25 نومبر تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال جو اعلان ڪيو. پيٽر وليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته 25 نومبر صبح 6 وڳي کان ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ٿي ويندا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به پيٽرول پمپ بند رهندا. پيٽر وليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جو چوڻ آهي ته حڪومت اسان جي مطالبن کي تسليم نٿي ڪري، جنهن خلاف احتجاج ڪيو پيو وڃي. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن جي سيڪريٽري نعمان بٽ جو چوڻ آهي ته ڊيلر مارجن 6 سيڪڙو تائين ٿيڻ تائين حڪومت سان ڳالهه ٻولهه نه ڪنداسين. نعمان بٽ جو اهو به چوڻ آهي ته حڪومت مطالبن مڃڻ جي خاطري ڪرائي هئي پر اڃا ڪو رابطو ئي ناهي ڪيو. اسين حڪومتي خاطري بعد5 نومبر تي ڏنل هڙتال جو سڏ واپس ورتو هو. سيڪريٽري پيٽروليم ڊيلرز جو چوڻ آهي ته پيٽرول پمپ 25 نومبر خميس تي صبح 6 وڳي کان ڪشمير ۽ گلگت سميت سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند رهندا.

پهنجو تبصرو موڪليو