گهٽ آمدني وارن لاءِ هائوسنگ اسڪيم جي منظوري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ نئين هائوسنگ اسڪيم شروع ڪرڻ، ڪسان پيڪيج تحت بجلي جي ٽيوب ويلن جي بنيادي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ اليڪشن ڪميشن لاءِ 15 ارب رپيا جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اي سي سي اجلاس ۾ مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ سپليمنٽري گرانٽ جي منظوري کان علاوه ڪي اليڪٽرڪ لاءِ يونيفارم ٽيرف جي سمري جي به منظوري ڏني وئي. اي سي سي فنانس ڊويزن کي باضابطه طور تي ڪريڊٽ گارنٽي ٽرسٽ اسڪيم جي عنوان هيٺ گهٽ آمدني وارن لاءِ نئين هائوسنگ اسڪيم شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني. منصوبي لاءِ 85 ملين ڊالرز جي رقم ورلڊ بئنڪ کان سيڪنڊ سپليمنٽ ٽرسٽ ڊيڊ ذريعي حاصل ڪئي ويندي ته جيئن هائوسنگ سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ادارن کي خطرن جو احاطو فراهم ڪيو وڃي. فنانس ڊويزن جي هڪ سمري موجب پاڪستان مارٽگيج ريفنانس ڪمپني لميٽيڊ (PMRC) حڪومت پاڪستان ۽ ڪمرشل بئنڪن جي وچ ۾ هڪ گڏيل منصوبي جي طور تي شهرين کي گهٽ شرح وياج تي وچولي ۽ ڊگهي مدي واري سرمائيڪاري فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪسان پيڪيج تحت پهرين نومبر کان ٽيوب ويل بجلي جي بنيادي قيمت ۾ 3 رپيا 60 پئسا في ڪلواٽ في ڪلاڪ (ڪي ڊبليو ايڇ) جي گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن جو ازالو ڪيو وڃي. هلندڙ مالي سال لاءِ اليڪشن ڪميشن جي منظور ڪيل رقم مان 5 ارب رپيا فوري طور تي جاري ڪيا ويندا جڏهن ته باقي رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي. اجلاس ۾ تمباکو جي گهٽ ۾ گهٽ اشاري واري قيمتن جي به منظوري ڏني وئي، جڏهن ته اي سي سي ڪي اليڪٽرڪ جي يونيفارم ٽيرف بابت پاور ڊويزن جي سمري جي به منظوري ڏني، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙو ٽيرف برقرار رکڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ لاڳو يونيفارم ويري ايبل چارج رد عمل جي ضرورت آهي. اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته اها ايڊجسٽمينٽ آڪٽوبر کان جنوري 2023 تائين استعمال ٿيندڙ بجلي تي لاڳو ٿيندي جيڪا ڊسمبر کان مارچ 2023 تائين جاري ڪيل بلن ۾ صارفين کان وصول ڪئي ويندي. اي سي سي واپار واري وزارت جي سفارش جي منظوري ڏني ته ڊسوڊيم ڪاربونيٽ تي ريگيوليٽري ڊيوٽي کي موجوده 20 سيڪڙو مان گهٽائي 10 سيڪڙو ڪيو وڃي ۽ مختلف ٽيرف لائينز تحت فيلامينٽ يارن تي 5 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي لاڳو ڪئي وئي. اي سي سي 93 ارب 438 ڪروڙ رپين جي ٽن قسطن تي مشتمل 31 ارب 146 ڪروڙ رپين جي ٽيڪنيڪل سپليمنٽري گرانٽ جي پڻ منظوري ڏني، جيڪا سرڪاري پاور پلانٽس کي ادائگين جي سيٽلمينٽ تحت IPPS کي برابر ادا ڪئي ويندي. ٻوڏ سان لاڳاپيل ميڊيا ڪوريج لاءِ 2 ارب روپين جي اضافي گرانٽ جي پڻ منظوري ڏني وئي، جيڪا حڪومتي قدمن، پروگرامن ۽ منصوبن بابت آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ جامع ميڊيا مهم شروع ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو