گهارو لڳ قديمي ڳوٺ پاڻي هيٺ، پاڻي ڳوٺن ۾ داخل، رھواسي پريشان

گهارو (ن س ) گهارو لڳ قديمي ڳوٺ پاڻي هيٺ، واٽر بورڊ انتظاميہ جي لاپرواھي سبب KDA نالي ۾ پاڻي اوور فلو ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو، رھواسي سخت پريشان، ڳوٺن مان پاڻي نيڪال ڪرائي پريشاني کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي اھي، ان سلسلي ۾ گھارو گولائي لڳ ڳوٺ محمد ابراھيم ملاح، ڳوٺ مامون گاد جوکيو، ڳوٺ گل حسن ملاح جي ڪيترن ئي متاثر رھواسين دانھيندي چيو اھي تہ گذريل رات دير سان واٽر بورڊ انتظاميہ جي لاپرواھي سبب KDA نالي ۾ اوچتو پاڻي اوور فلو ٿيڻ ڪري پاڻي سندن ڳوٺ ۽ گھرن ۾ داخل ٿي ويو آھي، جيڪو ڍنڍ جو ڏيک پيو ڏيئي، ھنن چيو تہ ھو ھن سردي جي موسم ۾ گھرن کان ٻاھر به نٿا نڪري سگھون ،ڳوٺن جا رستا بہ پاڻي ۾ بڏي ويا آھن، جنھن ڪري کين سخت مشڪلاتون پيش اچي رھيون آھن، پر اڃان تائين واٽر بورڊ انتظاميہ پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ڪوبہ تحرڪ ناھي ورتو. ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته اوور فلو تي قبضا مافيا قابض آهي ان سبب اسان جا ڳوٺ، زرعي زمينون، مڇي جا تلاءُ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آهن، ھنن گھر ڪئي تہ فورن سندن ڳوٺن توڙي گھرن ۾ داخل ٿيل پاڻي نيڪال ڪرائي کين پريشاني کان بچايو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو