ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ گسٽا جي سڏ تي استادن جو احتجاج، امتحانن جي بائيڪاٽ جو چتاءُ، سانگهڙ ۾ گسٽا جي ضلعي صدر رستم نظاماڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، دادو ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ استادن منظور احمد پنهور، جاويد اڪبر ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پائلٽ هاءِ اسڪول کان احتجاجي ريلي ڪڍي ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هنيو، جوھي ۾ استادن منظور لاشاري، خير محمد سرھيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھاءِ اسڪول کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، ميهڙ، سامارو، رتوديرو، پيرجو ڳوٺ، فيض گنج، هالا، مٽياري، ڊگهڙي، لکي غلام شاهه، ميرپور بٺورو، ميروخان، ٽنڊو باگو، ترائي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ استادن ترديسي عمل جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي ريليون ڪڍي مظاهرا ڪيا، گهوٽڪي ۾ استادن زاھد پٺاڻ، لطف الله، محمد بخش عارباڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، گسٽا جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته معاھدي تحت ٽائيم اسڪيل،ترقيون ڏيڻ سان گڏ 2012 ۾ ڀرتي ڪيل استادن کي پگھارون جاري ڪيون وڃن،سنڌ جي استادن سميت سمورن ملازمن کي سي ايم هائوس ۽ گورنر هائوس جي ملازمن جيتريون پگهارون ۽ ٻيا الائونسز ڏنا وڃن، گسٽا چتاءُ ڏنو آهي ته مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته نائين ۽ ڏهين جي امتحانن جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقيرن عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، پرڏيهي آفيس
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
تمام بهترين ڪم سائين اعجاز مهر خوشي ٿي توهانجي اخبار کي ڏسي ڪري