ڊونلڊ ٽرمپ جي گهر تي ايف بي آءِ جو ڇاپو

فلوريڊا(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي فلوريڊا ۾ گهر تي آمريڪي انصاف واري کاتي ۽ ايف بي آءِ پاران ڇاپو هنيو ويو. آمريڪي ميڊيا موجب اڳوڻو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ رهائش پذير آهي، جتي آمريڪي انصاف واري کاتي ۽ ايف بي آءِ پاران ڇاپو هنيو ويو. آمريڪي ميڊيا انڪشاف ڪيو آهي ته ڇاپي جو مقصد ڊونلڊ ٽرمپ کان اهم دستاويز هٿ ڪرڻ آهي، پر آمريڪي انصاف واري کاتي ۽ ايف بي آءِ ڇاپي بابت ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو