پڇڙي تي پاڻي پهچائڻ لاءِ رينجرز ۽ آبپاشي کاتو سرگرم

دادو/ ٽنڊو غلام حيدر(نمائندن وٽان) ڦڪا شاخ ۽ بکراڻي شاخ جي پاڻي تي هٿرادو لفٽ مشينن ذريعي پاڻي چوري جي پڇڙي جي آبادگارن جي شڪايت تي  رينجرس  جي ڪاروائي کان اڳ ايريگيشن جي رشوت خور ملازمن اڳواٽ ئي زرعي پاڻي چورن کي رينجرز اچڻ جو اطلاع ڏئي ڇڏيو ، رينجرس جي ڇاپي دوران ڪابه لفٽ مشين شاخن تي موجود نه هئڻ تي  رينجرس انسپيڪٽر اعجاز احمد چيو ته واقعي جو ايريگيشن  عملي اڳواٽ پاڻي چورن کي اطلا ح ڪري  بچائي ورتو آهي  پر غير قانوني طريقي سان پاڻي چوري ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو. ڦڪا شاخ تي ڊيوٽي ڪندڙ عملو  غائب رهيو جن  پنهنجا موبائل فون نمبر بند ڪري ڇڏيا، اسپيشل ڊيوٽي ايس ڊي او غلام رسول سومرو جي لڳائي وئي جيڪو رينجرس  جي ٽيم سان گڏ هوايس ڊي او لطف للّه ٻرڙو رينجرس جو ٻڌي موڪل ڪرائي هليو ويو. ***هوڏانهن ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب ٽنڊو غلام حيدر جي ٻن اهم شاخن ڄام واه ۽ ڪڙيو واه کي ريگيوليٽر ٽيمون جلالاڻي موري تان ايريگيشن انتظاميه  پاران درن کي تالا هڻي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نٿا ڏين ۽ با اثر زميندارن کي پاڻي وڪرو ڪن ٿا. انهي کان علاواه علي بحر واه امام واه جويا واه چور واه شاخن سميت ٻين واهن جي پوڇڙ ۾ به پاڻي اڻلڀ ۽ شورڪي مائينر تي ايڪسيين ايريگيشن نديم عيساڻي جي حڪم تي  ايس ڊي او ۽ ان جي ٽيم ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي ويهه کان مٿي ناجائز پمپ ڪڍي ڇڏيا .

ان موقعي تي آبادگار اڳواڻ زاهد خان رند سان ڳالهائيندي ايس ڊي او ايريگيشن چيو ته اسان کي جيڪو مٿان کان قانوني حڪم جاري ڪيو ويو آهي ان مطابق اسان هر صورت ۾ پاڻي چوري ڪندڙن خلاف ترت قدم کڻي عملي طور  تي ڪاروائي ڪندا سون ڪنهن به با اثر زميندار کي لفٽ مشينن ذريعي پاڻي چوري ڪرڻ هرگز نه ڏنو ويندو ان جي باوجود ڪنهن به زميندار پنهنجي من مستي ڪئي هڪدم واهن تي رينجرز مقرر ڪري  ان جي خلاف سخت کان سخت قانوني ڪاروائي ڪري پڇڙي جي آبادگارن کي سندن حصي جو پاڻي ڏنو ويندو جيڪو انهن جو حق آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پڇڙي تي پاڻي پهچائڻ لاءِ رينجرز ۽ آبپاشي کاتو سرگرم” هڪ تبصرو

  1. ‏‎Great. کاروچھان ڪيٽي بندر کان پيدل مارچ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف
    27جون کان شروع ھن وقت ٻوھارا پهچي ويو .ھي پيدل قافلو 3 جولائي تي مڪلي پھچندو. پاڻي جي سخت کوٽ ۽ آفيسرن جي غير معيريمقرري ۽ پئسن تي پاڻي وڪڻڻ خلاف مارچ https://t.co/zG3ZcKPWCQ‎

پهنجو تبصرو موڪليو