پاڻي نه نڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

بوزداروڏا (ن س)بوزداروڏا لڳ ڳوٺ دودو خاصخيلي گل محمد خاصخيلي مان گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هٿ سان هنيل ڪٽن ۽ برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ ۽ سندن معصوم ٻارڙن جي تعليم تباھ ٿيڻ خلاف بوزداروڏا ننگريجا لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي ڳوٺاڻن سماجي ڪارڪن رب ڏنو خاصخيلي سجاد خاصخيلي دلشير خاصخيلي ظهير خاصخيلي عاشق خاصخيلي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ ڪوٽڏجي کان ڇڏيل پاڻي جسڪاڻي جنگهو ٽالپروڏا کان ٿيندو اسان جي ڳوٺ م ڊيم جي صورت اختيار ڪري بيهي رهيو آهي برساتن کي ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود اسانجي گهرن م اٺ فوٽ پاڻي بيٺل آهي ۽ اسان جي ڳوٺن کي چونڊيل نمائندن ۽ اسڪارپ کاتي جي نااهل انتظاميا هٿ وٺي تباھ ڪري رهي آهي اسان جا گهر مسمار ٿي رهيا آهن معصوم ٻارڙا جي تعليم تباھ ٿي رهي جڏهن ته ڳوٺن جي رهواسين ۾ مرد عورتون معصوم ٻارڙن ۾ مختلف بيماريون ڦهلجڻ لڳيون آهن متاثر ڳوٺاڻن وزير اعلي سنڌ سميت وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته ت اسان ڳوٺن پاڻي نيڪال ڪرائڻ سميت وڌيڪ نقصان ٿيڻ بچائي سگهجي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو