ججن خلاف ريفرنس عدليه جي ٽارگٽ ڪلنگ آهي،مزاحمت ڪبي، اپوزيشن

اسلام آباد رپورٽ اياز مهر) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اعليٰ عدالتن جي ٻن ججن کي هٽائڻ لاءِ حڪومتي ريفرنس آزاد عدليا جي ٽارگٽ ڪلنگ آهي. هن بلاول ڀٽو ۽ اپوزيشن جي ٻين ساٿين سان گڏ پارليمان ۾ ميڊيا پوائنٽ تي ڳالهائيندي چيو ته اسين ريفرنس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته سينيٽ مان اپوزيشن ريفنرس واپس وٺڻ  بابت ٺهراءُ به منظور ڪرايو آهي. صدر عارف علوي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس ڪي ڪي آغا خلاف لنڊن ۾ ليز تي جائيدادون خريدڻ بعد پنهنجي گوشوارن ۾ ظاهر نه ڪرڻ تي کين عهدن تا هٽائڻ لاءِ وفاقي حڪومت جي چوڻ تي ريفرنس داخل ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ جو جج جناب جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسو جي سربراهي ۾ پنج رڪني سپريم جوڊيشل ڪائونسل اٽارني جنرل کي 14 جون تي ريفرنس جي سماعت لاءِ نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جيڪو انتهائي ايماندار جج سمجهو ويندو آهي، ان تحريڪ لبيڪ جي فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ فوج جي سياست ۾ مداخلت بند ڪرڻ بابت حڪم جاري ڪيو هو. ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ لبيڪ وارن سان ٿيل لکت ۾ معاهدي تي آءِ ايس آءِ جي نمائندي جي صحيح هجڻ تي هن اهڙو حڪم ڏنو هو جيڪو وزارت دفاع سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج به ڪيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج جناب جسٽس ڪي ڪي آغا

شاهد خاقان عباسي چيو ته اپوزيشن ۽ وڪيلن حڪومتي ريفرنس خلاف احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هو آزاد عدليه تي حڪومتي حملو ناڪام بڻائيندا. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته حڪومت کي سليڪٽيڊ عدليه گهرجي ان ڪري عدليه تي دٻا ءُ وجهي من پسند فيصلا حاصل ڪرڻ لاءِ ريفرنس داخل ڪرايا آهن. هن وڌيڪ چيو ته محسن داوڙ ۽ علي وزير جا پروڊڪشن آرڊر جاري نه ڪري اسپيڪر قانون جي خلاف ورزي پيو ڪري. ان کان جمع ڏينهن پارليمان جي ٻنهي ايوانن قومي اسمبلي ۽ سينيٽ جا ڌار ڌار اجلاس ٿيا. سينيٽ ۾ راجا ظفرالحق اپوزيشن پاران ججن بابت صدارتي ريفرنس واپس وٺڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جنهن تي حڪومتي ڌر چيو ته کين اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ٺهراءُ پيش نٿو ڪري سگهجي. ان تي ٻنهي ڌرين ۾ گوڙ ٿيو پر ايوان مان اپوزيشن اڪثريت راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪرائي ورتو. ان وقت اجلاس جي صدارت چيئرمين صادق سنجراڻي ڪري رهيو هو. سيينٽ ۾ حڪومت پاران پيش ڪيل بل جيڪو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي  ججن جو تعداد 7 مان وڌائي 10 ڪرڻ بابت هو، اهو رد ڪيو ويو. اپوزيشن چيو ته ججن جو تعداد سمورين هاءِ ڪورٽن ۾ وڌڻ گهرجي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٽن ججن جو سيٽون خالي آهن اڳ ۾ اهي ڀريون وڃن، هي بل حڪومت جي بدنيتي تي ٻڌل آهي. هوڏانهن قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن وارن کي محسن داوڙ ۽ علي وزير جي پروڊڪشن آرڊر بابت ڳالهائڻ کان روڪڻ لاءِ سرڪاري ڌر جا ميمبر جن ۾ ايم ڪيو ايم وارا به شامل هئا اهي ڪراچي کي پاڻي ڏيو جا نعرا هڻندي اسپيڪر جي روسٽرم وٽ پهچي ويا. ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو جنهن بعد هل هنگامي سبب اسپيڪر اجلاس اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

ججن خلاف ريفرنس عدليه جي ٽارگٽ ڪلنگ آهي،مزاحمت ڪبي، اپوزيشن” هڪ تبصرو

  1. تمام بهترين ڄاڻ آهي اوهان جي مواد ۾ مهرباني ڪري مون کي به شامل ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو