يوم پاڪستان جي ڀرپور تقريب، مهاتر محمد خاص مهمان، ڀارت جو بائيڪاٽ، 127 اهم شخصيتن کي سول ايوارڊ عطا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڄ سڄي ملڪ ۾ يومِ پاڪستان وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. يومِ پاڪستان جي موقعي تي اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ تي ٽنهي هٿياربند فوجن طرفان بهترين  پريڊ ڪئي، ان موقعي تي  جديد جنگي اوزارن ۽ ساز ۽ سامان جي نمائش به ڪئي وئي. پريڊ دوران چين، سعودي عرب ۽ آذر بائيجان جي فوجي دستن ۽ هوا بازن به حصو ورتو. پاڙيسري ملڪ ڀارت دعوت جي باوجود اهو چئي شرڪت کان انڪار ڪيو ته حريت ليڊرن کي سندن صلاح کانسواءِ دعوت ڏني وئي آهي ۽ پلواما واقعي بعد پيدا ٿيل صورتحال سبب هو شرڪت نٿا ڪري سگهن.  اڄوڪي تقريب ۾ ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد خصوصي مهمان طور شريڪ ٿيو. جيڪو صدر عارف علوي، وزيراعظم عمران خان، دفاعي وزير پرويز خٽڪ، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، نيول چيف ايڊمرل ظفر محمود ۽ وائيس ايئر چيف سان گڏ اسلامي چبوتري ۾ ويٺو رهيو. صدر سوڌو خصوصي مهمانن جي پهچڻ دوران گرائونڊ م قومي ترانو وڄايو ويو، هن تي سڀ مهمان احترام ۾ اٿي بيٺا.جنهن بعد صدر کي ٽنهي هٿياربند فوجن جي سمارٽ دستن سلامي پيش ڪئي ۽ صدر عارف علوي پريڊ جو معائنو ڪيو. پريڊ دوران ايئر چيف جي سربراهيءَ ۾ پاڪ فضائيه جي جهازن فلاءِ پاسٽ ڪندي ڀرپور ڪرتب ڏيکاريا. صدر عارف علوي شاندار پريڊ ڪرڻ تي هٿياربند فوجن ۽ انتظاميا کي مبارڪ باد پيش ڪئي. جڏهن ته پاڪ فوج، رينجرز ۽ نيوي جي دستن معزز مهمانن کي سلامي ڏني ۽ الخالد ٽئنڪس جي دستن به مخصوص انداز ۾ سلامي پيش ڪئي. ان موقعي تي شارٽ ۽ لانگ رينج جي ميزائلن سميت جديد جنگي اوزارن ۽ هٿيارن جي نمائش به ڪئي وئي. واضع رهي ته پيپلز پارٽي جي پنجن سالن جي دور ۾ ڪڏهن به 23 مارچ تي پريڊ نه ڪئي وئي هئي جنهن جو سبب سيڪورٽي جي خراب صورتحال ٻڌائي ويندي هئي. جڏهن ته ڪجهه مبصر چوندا رهيا آهن ته فوج جي ڪجهه حلقن ۾ تڏهوڪي صدر آصف علي زرداري کي سلامي پيش ڪرڻ تي تحفظات هئا. هوڏانهن ايوان صدر م ٿيل تقريب ۾مختلف شعبن ۾ نمايا ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن ملڪي ۽ غير ملڪي ،فوجي ۽ سويلين، صحافين ۽ دانشورن، رانديگرن ۽ اداڪارن، گلوڪارن ۽ سازندن، ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جي 127 شخصيتن کي تمغا ڏنا ويا. تمغا حاصل ڪندڙن ۾ تاج بلوچ، ڪليم الله لاشاري، وسيم اڪرم، وقار يونس، ريما خان، سجاد علي، ارشد شريف، عطاءُالله عيسيٰ خيلوي ۽ 8 چيني شهرين سميت ٻيا به شامل آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو