نجي ڪمپني جي سيلزمين کان ڦر،ملازم جو احتجاج

ٺاروشاھ(ن س)ٺاروشاھ ڀرسان مٺياڻي لنڪ روڊ تي نامعلوم هٿياربندن جي نجي ڪپمني جي سيلزمينن کان لکين روپين جي فر متاثر ملازمن جو احتجاج انصاف جو مطالبو, ٺاروشاھ ڀرسان مٺياڻي لنڪ روڊ سخي داد واهي ڀرسان ڪولگيٽ نجي ڪمپني جي ملازمن اظھر علي ڀان ۽ ڪمپني جي گاڏي جو ڊائيور نويد علي مشوري کي نامعلوم هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ڏيڍ لک روپيا ڪيش ٽي موبائيل فونو ۽ ٻيو سامان فر ڪري فرار ٿي ويا ملازمن پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته اسان ننڍا ملازم آھيون ڪمپني اسانکان پيسا ڀرائيندي اسان جيڪي اسان ڪٿان ڀرينداسين هنن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور فر ٿيل ڪيش رقم ۽ ٻيو سامان رڪور ڪرائي انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو