ملڪ جي انصاف واري نظام ۾ بهتري اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد( بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا آهن ته پاڪستان جي انصاف واري نظام ۾ بهتري اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي.سپريم ڪورٽ ۾ ريڪوڊڪ صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، منصوبي ۾ سيڙپڪار بيرڪ گولڊ ڪمپني جي وڪيل مخدوم علي خان دليل ڏيندي چيو ته ريڪوڊڪ رٿا ذريعي مال جيئن پورٽ تي پهچندو 85 سيڪڙو ادائيگي ٿي ويندي، مال جي باقي پندرنهن سيڪڙو ادائيگي منزل تي پهچڻ بعد مارڪيٽ ريٽ ۽ ڪوالٽي موجب ادائيگي ٿيندي.مخدوم علي خان چيو ته جيڪڏهن ريڪوڊڪ منصوبي مان ڪاپر ۽ سون کانسواءِ معدنيات نڪتي ته طريقيڪار معاهدي ۾ لکيل آهي، جيڪڏهن ڪا ناياب معدنيات نڪتي ته حڪومت مارڪيٽ ريٽ تي خريد ڪري وٺندي، جيڪڏهن ڪائي اسٽريٽيجڪ معدنيات هٿ آئي ته حڪومت مفت ۾ حاصل ڪري سگهندي، جيڪڏهن زمين حاصل ڪئي وئي ته ادائيگي ڪمپني ڪندي جڏهن ته حڪومت سهولت فراهم ڪندي.بيرڪ گولڊ جي وڪيل چيو ته مرڪزي روڊن جي اڏاوت ۽ مرمت حڪومت جڏهن ته نو ڪنڊي کان پروجڪيٽ تائين روڊ جي اڏاوت ڪمپني جي ذمي هوندي، روڊ رڳو پروجيڪٽ لاءِ نه اهي پر عام ماڻهو به استعمال ڪري سگهندا، بارڊر، صوبي ۽ ضلعي ۾ سيڪيورٽي جي فراهمي حڪومت جي ذميواري هوندي جڏهن ته پروجيڪٽ جي اندر سيڪيورٽي ڪمپني جي ذميواري هوندي، ريڪوڊڪ رٿا کان مال ڪرش ڪري پاڻي جي لائين ذريعي پورٽ تي پهچندو، ريڪوڊڪ منصوبي جي ڪنسٽرڪشن جو هڪ سيڪڙو جڏهن ته سالياني آمدني جو 0.4 سيڪڙو سماجي ڀائيواري تي خرچ ڪيو ويندو.وڪيل چيو ته منصوبي جي اڏاوت تي 7500 جڏهن ته آپريشن تي 4000 نوڪريون ملنديون، ڪمپني ريڪوڊڪ منصوبي کي مڪمل شفاف ۽ قانون پٽاندڙ ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪڏهن حڪومت ڪائي رعايت ختم ڪري ٿي ته اهو ڳجهي نموني نه پر پبلڪ نوٽيس ذريعي سرعام فيصلو ڪري.ٻڌڻي دوران جسٽس منيب اختر چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي ۾ پنجاهه سيڪڙو شيئرز پاڪستان جا آهن تڪرار سان پاڪستان تي به اثر پوندو.چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته پاڪستان سرڪار جيڪو ڪري اهو عالمي قانون کي ڌيان ۾ رکي ڪري ٻي صورت ۾ ڪمپني وري عالمي ٽياڪڙي فورم ڏانهن هلي ويندي، پاڪستان جي عدالتي نظام ۽ عالمي عدالتي نظام ۾ وڏو فرق آهي، پاڪستان جي انصاف واري نطام ۾ بهتري اسان لاءِ وڏو چئلينج آهي، پرڏيهي سيڙپڪارن کي پڻ پاڪستان جي انصاف واري نظام تي اعتماد ڪرڻ کپي، پاڪستان انصاف واري نظام ۾ بهتري لاءِ قدم کنيا ويا آهن جنهن نتيجا تمام جلد نظر ايندا.بيرڪ گولڊ ڪمپني جي وڪيل دليل مڪمل ڪري ورتا جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو