مريم نواز جي پاسپورٽ جي ضرورت ناهي: نيب

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نياڻي مريم نواز جي پاسپورٽ جي واپسي لاءِ درخواست جي ٻڌڻي دوران نيب جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي ته مريم نواز جي پاسپورٽ جي هاڻي ضرورت ناهي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد عامر ڀٽي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ مريم نواز جي پاسپورٽ حاصل ڪرڻ لاءِ داخل متفرق درخواست جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.3 رڪني بينچ ۾ جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس طارق سليم شيخ شامل آهن.ٻڌڻي دوران ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل سيد وقار حسين ۽ اسپيشل پراسيڪيوٽر سيد فيصل رضا عدالت ۾ پيش ٿيا.نيب عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو آهي ته مريم نواز جي درخواست ۾ موقف بنيادي حقن جي عملداري بابت آهي.پنهنجي جواب ۾ نيب اهو به چيو ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته فوجداري ڪيس داخل ٿيڻ تي ڪنهن کي به آئيني حقن کان محروم نٿو ڪري سگهجي. ٻڌڻي دوران مريم نواز جي جونيئر وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته امجد پرويز ايڊووڪيٽ ٻي عدالت ۾ آهي، ٿورو انتظار ڪيو وڃي.چيف جسٽس محمد امير ڀٽي چيو ته ٻڌڻي جو وقت مقرر ڪيو ويو، امجد پرويز ايڊووڪيٽ کي خبر هئي. فل بينچ به اهو ئي ڪيس ڪيو هو؟ کين اها به خبر ناهي ته ڪهڙي عدالت ۾ پيش ٿيڻو آهي؟ عدالت 2 منٽ انتظار ڪرڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 3 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.بينچ جي چيمبر ۾ وڃڻ کان هڪ منٽ پوءِ امجد پرويز ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو