عمران خان تي حملو،حقيقتون پڌريون ٿيڻ گهرجن

شبيرجمالي
جنهن خدشي يا خطري جو اظهار ڪيو پئي ويو بدقسمتي سان حالتون انهي پاسي ئي وڃي رهيون آهن ۽ لانگ مارچ تي حملي ٿيو آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان زخمي ٿي پيو آهي جڏهن ته هڪ ماڻهو جي مارجڻ ۽ ڪجهه جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. مطلب جنهن رتوڇاڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پئي ويو اها ٿي چڪي. گرفتار ٿيل مبينه جوابدار جي آڏو آيل شروعاتي اعترافي بيان موجب هن جو نشانو عمران خان هو جنهن کي هو مارڻ چاهي پيو ،ڇاڪاڻ ته هن جي چواڻي عمران خان ماڻهن کي گمراهه ڪري رهيو هو.لانگ مارچ جي شروع ٿيڻ کانپوءِ انهي خدشي جو بار بار اظهار ڪيو پئي ويو ته ڪٿي اهو خوني مارچ ته ثابت نه ٿيندو،جڏهن ته اهڙو اظهار ٻنهي ڌرين جي طرفان ڪيو پئي ويو.ڇاڪاڻ ته اڳوڻي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ جيڪا گرمي ملڪي سياسي ماحول ۾ پيدا ٿي انهي سان هر وقت اهو خطرو رهندو پئي آيو ته سياست ۾ ڪٿي تشدد وارو عنصر نه شامل نه ٿي وڃي جيڪا ئي سڀني کان وڌيڪ ڳڻتي واري ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن سياست مان برداشت ختم ٿي وڃي ته پوءِ مخالفت کي طاقت سان ختم ڪرڻ جي روايت جنم وٺندي آهي.
اسان جي اها بدقسمتي رهي آهي ته ڪجهه قوتون سدائين سياسي مخالفتن يا رنجشن مان پنهنجا فائدا وٺنديون رهيون آهن ۽ ڪيترا اهڙا واقعا ٿي چڪا آهن جن جي اڄ تائين خبر نه پئجي سگهي آهي ته اهي ڪنهن ڪرايا پر اهڙن واقعن سان سياست ۾ عدم برداشت جا رويا وڌيڪ سگهارا ٿيا آهن. سياسي ڌرين جي ئي اولين ذميواري اهي ته اهڙن روين کي روڪڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ تي ٿيل حملو هڪ شخص جو ذاتي فيصلو آهي يا اها سازش آهي بهرحال اهو ملڪي سياست لاءِ ڪنهن به ريت سٺو سنئوڻ ناهي ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ به اسان ڏسندا رهيا آهيون ته ڪيترن سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون حياتيون اهڙن واقعن ۾ هليون ويون، انهن جي ذميواري دهشتگرد تنظيمن قبول ڪئي يا وري ڪي اڳواڻ مذهبي انتهاپسندي جو نشانو بڻيا پر اهي شڪ ضرور رهيا ته اهي واقعا باقاعده منصوبندي سان ٿيا جنهن جو وڏي ۾ وڏو مثال شهيد بينظير ڀٽو جو قتل يا ان کان اڳ هن جي وطن موٽڻ وقت استقبالي قافلي تي قاتلاڻو حملو هو جن ۾ تقريبن ڏيڍ سو ڪارڪن شهيد ٿي ويا .ان کان سواءِ اي اين پي جي مرڪزي اڳواڻن جا ٿيل قتل به اسان جي سياسي تاريخ جو حصو آهن.عمران خان جي لانگ مارچ تي حملي کانپوءِ جيڪو سڀ کان پهريون سوال اٿي ٿو اهو اهو آهي ته جڏهن لانگ مارچ شروع ٿيڻ کانپوءِ اهڙا خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا ته پوءِ ان مارچ جي سيڪيورٽي جي لاءِ اهڙا انتظام ڇو نه ڪيا ويا جو هڪ شخص هٿيار ساڻ کڻي آرام سان انهي ڪنٽينر تائين پهچي ويو جتي عمران سميت پي ٽي آءِ جي تقريبن سموري مرڪزي قيادت موجود هئي.اهو ته سلام آهي انهي ڪارڪن کي جنهن هٿياربند کي فائرنگ ڪندي ڏسي کيس سوگهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن وٺ وٺان ۾ اهو هٿياربند پنهنجي مقصد م ڪامياب نه ٿي سگهيو نه ته ان کان به وڌيڪ نقصان ٿي پئي سگهيو.
ائون سمجهان ٿو ته هي انتهائي غير معمولي ۽ تڪليف ڏيندڙ واقعو آهي ۽ ان جي تهه تائين پهچڻ ضروري آهي،ڇاڪاڻ ته ٻنهي ڌرين طرفان هڪٻئي تي اهي الزام لڳندا رهيا آهن ته اهي انهي مارچ کي خوني بڻائي پنهنجي پنهنجي سياسي ايجنڊائن کي فائدو پهچائڻ چاهين ٿا تنهن ڪري هاڻي وفاقي توڙي پنجاب حڪومت ٻنهي جي ذميواري آهي ته اهي انهي واقعي جي جاچ لاءِ هڪٻئي سان پروفيشنل بنيادن تي سهڪار ڪري اصل حقيقت عوام آڏو آڻين ته اهو واقعو ڇو ۽ ڪيئن ٿيو .اها به جاڇ ٿيڻ گهرجي ته جڏهن پي ٽي آءِ اڳواڻ پاڻ ئي چئي رهيا هئا ته حملي جو خطرو آهي ته پوءِ پنجاب پوليس انهي خطري کي ٽارڻ جا مڪمل انتظام ڇو نه ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادي جي حڪومت آهي

پهنجو تبصرو موڪليو