صوبائي وزير جي هدايت تي شهرين لاءِ گرمي سبب سبيل قائم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي هدايتن تي هائيڊرينٽ سيل واٽر بورڊ جو اهم قدم هائيڊرينٽ سيل واٽر بورڊ پاران هيٽ اسٽروڪ کي مد نظر رکندي شهر جي مختلف عوامي هنڌن تي ٿڌي پاڻي ۽ مشروبات جون ڪئمپون لڳايون ويون. تفصيل موجب سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي هائيڊرينٽ سيل واٽر بورڊ پاران شهر جي مختلف عوامي هنڌن تي ٿڌي پاڻي ۽ مشروبات جون ڪئمپون لڳايون ويون، واٽر بورڊ عملدارن موجب ان سموري عمل جي نگراني فوڪل پرسن هائيڊرينٽ سيل واٽر بورڊ شهباز بشير پاڻ ڪئي، ان موقعي تي فوڪل پرسن هائيڊرينٽ سيل واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ ڪراچي جي 6 ضلعن جي مختلف عوامي هنڌن تي هيٽ اسٽروڪ کي مد نظر رکندي ٿڌي پاڻي ۽ مشروبات جون ڪئمپون لڳايون ويون آھن، هن وڌيڪ چيو تہ شهر جي مختلف بس اسٽاپن، اسپتالن ۽ ٻين عوامي هنڌن تي واٽر ٽينڪر پڻ لڳايا ويا آهن تہ جيئن شهرين کي هيٽ اسٽروڪ کان بچائي سگهجي، ان موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي واٽر بورڊ جو چوڻ هو تہ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير جي هدايتن تي واٽر بورڊ انتظاميه شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو