شھيد راڻي ۽ سندس جدوجهد

پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي
شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو کي اسان کان وڇڙئي 15 سالن جو عرصو گذري رھيوآهي پر اڄ به اهو محسوس نٿو ٿئي ته ڪا شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو اسان کان وڇڙي آهي ڇو ته هوءَ بلاول ڀٽو زرداري، بختاور ۽ آصفه جي روپ ۾ اسان وٽ موجود آهي ۽ اسان جي سرپرستي ۽ نگهباني ڪري رهي آهي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جيڪا پنهنجي شخصي ڪردار ۽ سياسي جدوجهد ۾ واقعي به بي نظير ۽ بي مثال ليڊر هئي، هوءَ عالمي سطح جي لينن، مائوزينگ، هوچي منهه جهڙي سماج کي تبديل ڪندڙ ليڊر هئي. ۽ موت سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائيندي هئي. پنهنجي فڪر ۽ قول جي ڪنهن به سطح تي مصلحت پسند نه هئي پر پنهنجي بدترين کان بدترين دشمن کي به معاف ڪرڻ واري عظيم ليڊر هئي. هوءَ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جيان نڊر ۽ بهادر هئي اهو ئي سبب آهي جو هن جبر ۽ ظلم جي آڏو جهڪڻ بجاءِ راولپنڊي شهر ۾ موت سان مهاڏو اٽڪائي شهادت ماڻي. بينظير ڀٽو، شهيد: شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي وڏي نياڻي هئي. بينظير ڀٽو جي ولادت 21 جون 1953ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿي. سندس نالو ته بينظير رکيو ويو هو، پر ننڍپڻ ۾ سندس خوبصورت ۽ گلابي رنگ جي ڪري کيس گهر ۾ ”پِنڪي“ سڏيندا هئا، پاڪستان جي ٻه ڀيرا چونڊيل اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو صدر ۽ وزيراعظم رهي چڪو هو.
بينظير ڀٽو هڪ قداور ۽ تمام ذهين ليڊر هئي، جنهن جي شادي 1987ع ۾ سنڌ جي هڪ ٻئي سياسي خاندان ۾ ٿي. سندس ور آصف علي زرداري جيڪو نوابشاهه جي بزرگ سياستدان حاڪم علي زرداريءَ جو فرزند آهي ان سان ٿيو جيڪو ناناڻي طرف کان سنڌ ۾ علم جي شمع روشن ڪندڙ شخصيت حسن علي آفنديءَ سان واسطو رکي ٿو.
ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته زندگي کان اڳ موت تخليق ٿيو. موت ظاهري طور منتقلي جو نالو آهي، انسان حياتي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ هڪ نئين ڪائنات طرف گامزن ٿي وڃي ٿو ۽ ان کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ انسان جو هڪ نئون سفر شروع ٿي ٿو. پر طبي موت جي برعڪس شهادت هڪ اهڙو تحفو آهي جيڪو ڪامياب انسانن کي هميشه جي لاءِ امر بنائي ڇڏي ٿو. اهڙي شهادت سان معاشري اندر انقلاب برپا ٿي ويندو آهي. شهادت بعد نئي مظلوم طبقي کي منزل ميسر ٿي ويندي آهي. اهڙا ماڻهو پوءِ دلين، دماغن ڌڙڪن اندر زنده رهندا آهن ۽ نسل در نسل انهن جو ذڪر جاري رهندو آهي. اڄ اهو ئي جذبو اسان کي شهيدراڻي محترمه بينظير ڀٽو جي تازي رت جي اندر نظر اچي ٿو.
شيخ اياز هڪ هنڌ لکي ٿو: “هُن کي ٻَڌي وٺي آيا ۽ کيس چيائون، تون ڏوهي آهين، تو پيار جو نانءُ ورتو آهي. هُن پنهنجي جسم تي پيل زنجيرن کي زور سان سٽ ڏني ۽ رڙ ڪري چيو، مان ڏوهي نه آهيان! مان ڏوهي نه آهيان! مان هن دور جو پيغمبر آهيان. هُو ڏند ٽيڙي کلڻ لڳا ۽ ان جي زبان ڪپي ڦٽي ڪيائون. ان ڳالھ کي ڪيئي سال گذري ويا. اڄ هُو ساڳي جاءِ تي، ٻئي ڪنهن کي ٻَڌي وٺي آيا ۽ هُن کي چيائون، تون ڏوهي آهين، تون پيار جو نانءُ به نه ٿو وٺين، تون اسان جي پيغمبر کي به نه ٿو مڃين. ايئن چئي غصي ۾ ڏند ڪرٽيائون ۽ ان جي زبان ڪپي ڦٽي ڪيائون”. وري ٻئي هنڌ لکي ٿو: “ آڌيءَ رات جو سمو آهي، هُو ڦاسيءَ جي رسي ۾ لڙڪِي رهيو آهي. لُرِيءَ ۾ هُن جا پير اُگھاڙا آهن، پير جي تخت تان لهي، تختي تائين پهتا آهن ۽ هاڻي هيٺ مُڙي ويا آهن، جيڪي ڪنهن سوڙهي گھٽيءَ جو رستو ڏيکارين ٿا. مان انهن ٿڌن پيرن تي، پنهنجا ڪوسا هٿ رکي سوچيان ٿو، ته جي مان هن کي جاڳايان، ته ڇا هُو پنهنجو منهن مون کان لڪائيندو؟ هُو جو ڌرتيءَ جو ڌنار هو، ڇا هُو اهو مڃيندو ته رڍون ۽ بگھڙ گڏ نه پالبا آهن.
بهرحال پاڪستان جي سماج ۾ تعليم سڀني لاءِ جو نعرو کڻي ايندڙ ۽ خصوصي طور تي نياڻين هي اعلي تعليم لا۽ هر وقت فڪر مند رهندڙ هن باوقار، باعمل، شان، مان، رعب، ڏات، نفاست واري جدوجهد سان ڀرپور قائد، هر حال ۾ هار نه مڃڻ، همت ڀري عظيم اڳواڻ، دنيا جي عورتن لاءِ پنهنجو پاڻ کي هڪ مثال ثابت ڪيو آهي ته عورت ڪنهن به ماحول يا حالتن ۾ مرد کان گهٽ نه آهي پر مرد کي مات ڏئي سگهي ٿي. سياست ۾ سندس مرتبو ۽ حيثيت دنيا جي مڃيل وزيراعظم عورت مسز اندرا گانڌي کان به وڌيڪ اعليٰ آهي ڇاڪاڻ ته مسز گانڌي زندگي جي جدوجهد ۾ بينظير ڀٽو صاحبه جهڙيون تڪليفون ڪو نه ڏٺيون. جيل، جلاوطني وارا ڏينهن ڪو نه ڏٺا. مارشل لا جون اذيتون برداشت نه ڪيون، پنهنجي والد سان ڪال ڪوٺڙي ۾ ملاقاتون نه ڪيون. بيماري ۾ علاج لاءِ قيد بي سهارا نه رهي. مذهبي معاشري ۾ پاڻ نه مڃايو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته محترمه ڀٽو صاحبه وانگر ننڍي ڄمار ۾ وزارت عظميٰ نه ماڻي. بينظير ڀٽو صاحبه جدوجهد جي علامت ۽ حوصلي واري عظيم عورت قائد هئي جنهن کي هر دور ۾ هر حالت ۾ حوصلي ساڻ مقابلو ڪرڻ جو ڏانءُ حاصل هو. دنيا سندس والد وانگر محترمه جي بين الاقوامي معاملن تي اعليٰ ذهانت ۽ ڏاهپ جي قائل آهي.
سرجيس ته سور، سامايس ته سک ويا
اهي ٻئي پور، مون نماڻيء نصيب ٿيا
محترمه ڀٽو صاحبه جو اهو ڪمال آهي ته پاڪستان جي سماج ۾ جتي مرد ۽ اسلام جي احترام سبب عورتن کي ٻي درجي جو شهري سمجهيو وڃي ٿو ۽ هڪ ٽولو پنهنجي خواهشن لاءِ من پسند تشريح ڪندي ائين به چئي ٿو ته عورت کي حڪمراني جو حق ڪونهي. اهڙي مرد جي سماج ۾ جتي عورت ڪنهن مرد سان هٿ به ملائي نه سگهي. اڪيلو سياسي ملاقات نه ڪري سگهي. گڏجي شڪار نه ڪري سگهي ۽ ڪنهن سان حد کان وڌيڪ مسڪرائي ڳالهائي نه سگهي. فوٽو به نه ڪڍائي سگهي، اهڙي مضبوط مرد جي سماجي معاشري ۾ محترمه ننڍي عمر جي عورت هوندي انهن سياست جي چاچن ۽ مامن کي شڪست ڏني مخالف بئنچن تي يا پنهنجي قيادت ۾ هلائي جن جي زندگي سياست ۾ گذري هجي اها سندس همت ۽ ڏاهپ آهي. سندس ٻه دفعا وزيراعظم ٿيڻ وڏي اهميت رکي ٿو. جيئن ته پاڪستان ۾ هڪ قوم نه آهي، صوبائيت ۽ مذهبي بنيادن تي پارٽيون آهن، تنهن کان علاوه ”پردي“ پويان قوتون آهن. ان سبب محترمه جي مخالفت به ايتري ئي گهڻي آهي. هر هڪ چاهي ٿو ته ان جي شرطن تي حڪومت اچي انهن کي راضي رکيو وڃي تنهن ڪري اهو محترمه ڀٽو لاءِ ناممڪن آهي ته سڀني کي راضي رکي. ان کان علاوه پ پ هڪ عوامي پارٽي آهي عوام ۽ ورڪرن کي به خوش رکي. اهڙن حالتن کان علاوه ٻئي طرف مخالف پارٽين پاران ساڻس عدم تعاون ۽ روزانو تحريڪون، لانگ مارچ، ڪڏهن ٽرين مارچ، هڙتالون، شهر بند، مظاهرا هجن ته پوءِ ملڪ جي معيشت ڪمزور ٿيندي، سياسي انارڪي ٿيندي، پرڏيهه ۾ ملڪ جو نالو بدنام ٿيندو، جمهوريت کي استحڪام نه ملندو ۽ حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر ٿينديون، اهو ئي ٿيو جو ملڪ ۾ مخالفن جي ضدي روين، پرڏيهي مالياتي ادارن جي سخت شرطن ۽ پيپلز پارٽي ۾ ناخوش دوستن جي ڪري محترمه ڀٽو صاحبه جي حڪومت کي هڪ دفعو وري 5 نومبر 1996ع تي رات جو ختم ڪيو ويو. وري احتساب ڪميشن ئي محترمه ۽ سندس وڪيل آهن، ڏسون ڇا ٿئي ٿو. گذريل ڇهن سالن ۾ محترمه چوٿين چونڊيل وزيراعظم آهي جنهن جي حڪومت جو خاتمو وقت کان اڳ ٿيو آهي. محترمه ۽ پيپلز پارٽي سان واسطو نه رهيو آهي يا ساڻس ملاقات جو موقعو اڄ ڏينهن تائين ڪو نه مليو آهي مان ذاتي طرح سان سندس باري ۾ راءِ نه ٿو ڏيان پر مٿس تنقيد به ٿئي ٿي ته هو سخت طبيعت سياستدان آهي. ڪنهن پارٽي عهديدار جي جي تنقيد، برداشت نه ٿي ڪري، پنهنجي ڀاءُ مير مرتضيٰ ڀٽو سان سندس رويو به پسند نه ٿو ڪيو وڃي. پنهنجي والده سان به اختلاف کيس ڀٽو صاحب طرفان مقرر ڪيل پارٽي چيئرمين واري عهدي تان هٽائڻ ۽ المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻو تي سندس موجودگي ۾ فائرنگ کان علاوه ڀٽو خاندان جي ماضي ۾ قائم سياسي يڪجهتي کي نه سنڀالڻ به قابل تنقيد رهي ٿو. حڪومت حاصل ڪرڻ لاءِ مخالفن ۽ شهيد ڀٽو جي قاتلن سان گڏجي ڪم ڪرڻ به ماڻهن کي نه ٿو وڻي پر هاڻي ملڪي حالتن مطابق عوام به انقلاب لاءِ تيار ڪونهي. ڪرسي جي سياست جو دور آهي قومپرست، ڪميونسٽ، سوشلسٽ ۽ اسلامي خيالن جا ماڻهو اقتدار ۾ گڏ ويٺا آهن. سياسي نظريا ۽ فلسفا هاڻي ختم ٿي چڪا آهن. جيڪو وڌيڪ بااثر ماڻهو رکي ٿو، قائد جي شخصيت ۾ چمڪ ۽ ڏاهپ آهي. سگهارن ادارن سان ويجهڙائپ رکي ٿو ۽ ڪرسي لاءِ هر هڪ حربو استعمال ڪري ٿو اهو حڪومت ماڻي ٿو ۽ عوام به هاڻي حڪومت مان ڪم حاصل ڪرڻ جو رستو ورتو آهي پوءِ ڀلا محترمه ڀٽو صاحبه تي ڪهڙي معيار.
محترمه جو جنم ته هڪ دفعو 21 جون تي ٿيو هو پر هن جو موت ڪيئي دفعا ٿيو پر هر دفعي هڪ نئون جوش ۽ حوصلو بڻجي عوام جي سگهه بڻيو. هن جو موت ته ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت ، شاهنواز جي شهادت ۽ مرتضى جي شهادت وقت به ٿيو هو پر 27 ڊسمبر 2007 وارو ڏينهن کيس جسماني طور اسان کان هميشه لاء جدا ڪري ويو پر سندس ڏنل فڪر اسان سان هر وقت رهندو، سندس يادون اسان کي سندس ياد ڏيارينديون رهنديون. گُل ته 27 ڊسمبر تي وکرجي ويو هو. ڳاڙهيون پتيون وکري ويون. سڄو چمن اجڙي ويو هو. سڄي زمين سڙي وئي هئي پر گُل جي خوشبو زنده آهي. اها آزاد آهي. خوشبو کي ڪير قيد نٿو ڪري سگهي. هُوءَ ڪلهه به زنده هئي اڄ به زنده آهي ۽ سڀاڻي به زنده رهندي.
تم کردو قتل میری سانسوں کو، دفنادو میری آوازوں کو،
میرے لفظ ہلا کر رکھ دینگے، ایوانوں کے دروازوں کو

پهنجو تبصرو موڪليو