شهريار خان آفريدي جي گهر تي دستي بم حملو

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شهريار خان آفريدي جي گهر تي دستي بم حملو ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته ڪوهاٽ ۾ شهريار خان آفريدي جي اباڻي گهر تي دستي بم سان حملو ڪيو ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته دستي بم حملي ۾ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سينيٽر اعجاز چوڌري شهريار آفريدي جي گهر تي حملي بابت ٽوئيٽ ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ شهريار آفريدي جي گهر تي ڪريڪر بم سان حملو ڪيو ويو.هن چيو ته الله پاڪ سندن حفاظت ڪري ۽ پاڪستان جي دشمنن کي تباهه ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو