شاداب خان ثقلين مشتاق جي نياڻي سان نڪاح ڪري ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هڪ ٻئي نوجوان پليئر شاداب خان شادي ڪري ڇڏي آهي. هن سومر تي ٽوئٽر تي پنهنجي نڪاح جو اعلان ڪيو. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ثقلين مشتاق جي نياڻي سان سندس نڪاح ٿيو آهي. ان کان اڳ حارث رئوف مشهور ماڊل منزه مسعود ملڪ ، شان مسعود ڊگهي عرصي تائين گرل فرينڊ رهندڙ نِشي خان ۽ شاهين آفريدي انشا سان هن سياري جي موسم ۾ پنهنجي پنهنجي شادين جو اعلان ڪيو هو. شاهين آفريدي جي شادي شاهد آفريدي جي ٻيو نمبرنياڻي انشا سان 3 فيبروري تي پي ايس ايل شروع ٿيڻ کان اڳ نڪاح ٿيندو. شاداب خان کي دنيا ڀر مان اسپورٽس سان لاڳاپيل شخصيتون مبارڪباد ڏئي رهيون آهن. سٿي ڪرڪٽرن به کيس مبارڪ ڏني آهي ۽ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي ٽيم به کيس مبارڪ ڏني آهي. امام الحق مذاق ڪندي دعائيا انداز ۾ لکيو ته الله پاڪ ڀاڀي کي توکي برداشت ڪرڻ جي همت ڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو